پاڪستانسنڌ

ڊسمبر 2022ع دوران 17 ارب 60 ڪروڙ رپيا روينيو حاصل ڪيو: سنڌ روينيو بورڊ

ڪراچي: سنڌ روينيو بورڊ ڊسمبر 2022ع دوران 17 ارب 60 ڪروڙ رپيا روينيو حاصل ڪيو. سنڌ روينيو بورڊ ڊسمبر 2022ع دوران 17 ارب 60 ڪروڙ رپيا روينيو گڏ ڪيو آهي، اهڙي ريت ڊسمبر ۾ ساليانو بنيادن تي گڏ ڪيل ٽيڪس ۾ 24 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سنڌ روينيو بورڊ کي هلندڙ مالي سال جي پهرئين اڌ دوران 80 ارب رپيا روينيو حاصل ٿيو آهي.

اهڙي طرح، گذريل اڌ سال جي بنياد تي ايس آر بي جي آمدني ۾ 23 سيڪڙو جو اضافو ڏٺو ويو آهي. ايس آر بي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ڏيندڙن جي سهڪار سان صوبائي اٿارٽي ٽيڪس ۾ اضافو ڏٺو آهي، جنهن جي بنياد تي ايس آر بي هلندڙ مالي سال دوران 180 ارب رپين جي آمدني جو هدف مقرر ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button