پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جو ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري معطل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪراچي جي ضلعي شرقي، ڪورنگي ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشنز جي ايڊمنسٽريٽرن جا مقرري آرڊر معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت ٽنهي ايڊمنسٽريٽرن کي عهدن تان هٽايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرن کي هٽائڻ واري معاملي تي ايم ڪيو ايم کي به اعتماد ۾ وٺندي. اليڪشن ڪميشن ٽن آفيسرن جي مقرري کي ضابطن جي خلاف قرار ڏنو هو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button