پاڪستانسنڌ

وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ وقت لڳندو: بلاول ڀٽو

سيتاروڊ/دادو/ڪي اين شاهه: پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي حالتون خراب ٿيون ته امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي، سنڌ ۾ اڃا به ٻوڏ متاثرن کي ڏکيائون آهن، وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ کانپوءِ بحالي تائين مشن پورو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ طالبان کي ڀتو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته عمران خان بيان ڏنو آهي ته اسان طالبان کي هتي رهايو آهي. پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو هيليڪاپٽر ذريعي فضائي دورو ڪرڻ بعد اڳوڻي وفاقي وزير ريلوي ظفر علي لغاري جي وفات تي پ پ پ ايم اين اي ميهڙ ڪي اين شاهه عرفان ظفر لغاري ۽ اڳوڻي ايم اين اي عمران ظفر لغاري سان تعزيت ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ظفر آباد پهتو. جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مُلڪ ۾ تازي ٻوڏ تاريخي تباهي آندي ۽ اڄ تائين ٻوڏ متاثر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن وٺي شرم الشيخ تائين سڄي دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻوڏي ويو آهي، هي قيامت کان پهرين قيامت آهي، اسان ان قدرتي آفت مان گذري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪُجهه علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي موجود آهي، جتان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي اتي تباهي ئي تباهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته زراعت ۽ گهرن سميت هر شعبي ۾ بحران پيدا ٿي ويو آهي، صحت جو ڍانچو تباهه ٿي ويو، رڳو سنڌ ۾ ئي نه مُلڪ جي ٻين علائقن ۾ به تعليم کي نقصان پهتو پر رڳو سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا آهن، وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن جي بحالي وارو مشن پورو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سڄي دنيا مان ٻيهر امداد گڏ ڪنداسين، ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، ورلڊ بئنڪ مان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پروگرام منظور ڪرايا آهن، پنهنجن ماڻهن کي لاوارث حالت ۾ نه ڇڏينداسين. بلاول اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ ڀاڱي ٽي مُلڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو پر عمران خان پنهنجي انا ۽ ضد کان نه مڙيو، اهڙو ماڻهو عوامي نمائندگي لاءِ اهل ناهي.

هن چيو ته چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضد تي جلد چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، عمران خان هر موقعي تي ناڪام ٿي چُڪو آهي، کيس صلاح ڏيان ٿو ته هو پارليامينٽ ۾ واپس اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪي پي ۾ طالبان کي ڀتو ڏنو پيو وڃي، عمران خان ٽي وي تي بيان ڏنو آهي ته اسان طالبان کي هتي آڻي رهايو، دهشتگردن خلاف ويڙهه کٽڻ کانپوءِ اي پي ايس سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي بنا پڇڻ جي آزاد ڪيو ويو، دهشتگردن کي نه مان معاف ڪندس نه قوم معاف ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود ۽ پرويز خٽڪ جهڙا ماڻهو به استعيفائن جي تصديق لاءِ نه آيا ته ٻيا ڪيئن ايندا، اهڙن ماڻهن جا نالا ٻڌائي سگهان جيڪي اسپيڪر جي پيرن ۾ ڪِريا پيا آهن. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان اختلاف آهن ۽ اڳتي هلي وڌي به سگهن ٿا، چاهيون ٿا ته ايم ڪيو ايم سان معاهدي تحت هلون، معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، پ پ پ ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، قمبر خان لغاري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button