پاڪستانسنڌ

دادو ۾ انصاف لا پروين رند جي علامتي بک هڙتال

دادو؛ نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي پروين رند انصاف لاءِ گذريل 30 ڪلاڪن کان سخت سردي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال تي ويٺل آهي، پروين رند جو چوڻ آهي ته جنسي حراسا ڪندڙ جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت جي ضمانت رد ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه پئي ڪري، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ گذريل ڏينهن حملو ڪرايو، حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ سان گڏ سيڪيورٽي فراهم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ايس ايس پي دادو جي خاموشي واِضع ڪري ٿي ته هو بي وس بڻيل آهي، ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اپيل ٿي ڪيان ته سنڌ جي نياڻي جو ساٿ ڏيو، انصاف ملڻ تائين علامتي بک هڙتال تي ويٺي رهنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button