اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مظاهر ۽ اي جي اسلام آباد ۾ ڏندچڪ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي دوران جسٽس مظاهر نقوي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي. سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد جي علائقي ۾ ڪار حادثي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، ان دوران جسٽس مظاهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن ڪيس ۾ جج مختلف نوعيت جي درخواستن تي هڪ جامع فيصلو ڏئي سگهي ٿو. ان تي ايڊووڪيت جنرل اسلام آباد جهانگير جدون چيو ته جج صاحب حڪم جاري ڪيو آهي ته هڪ جامع فيصلو ڏئي سگهجي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل جي جواب تي جسٽس مظاهر نقوي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ڇا اوهان جي قابليت جو معيار آهي؟ اوهان کي قانون جو پتو ئي نه آهي ته هن ڪيس ۾ هڪ فيصلو ٿي سگهيو پئي يا نه. جسٽس مظاهر جي ڪاوڙ تي ايدووڪيٽ جنرل چيو ته اوهان منهنجي تذليل ڪري رهيا آهيو، مان ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد آهيان. ڪنهن جي وڪالت نه پر عدالت جي مدد ڪري رهيو آهيان. اوهان منهنجي تذليل نٿا ڪري سگهو، جنهن جج فيصلو ڏنو ان جي ڇا قابليت آهي، جنهن جج فيصلو ڏنو ڇا اوهان ان جي خلاف فيصلو ڏيندا. جسٽس مظاهر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل وچ ۾ منهن ماري تي جسٽس اعجاز چيو ته اسان سڀ هڪٻئي کان سکون ٿا جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪار حادثي جو ڪيس ٽرائيل ڪورٽ کي واپس اماڻي ڇڏيو. ان ڪيس ۾ ٽرائيل ڪورٽ جوابدار کي هڪ سال جيل جي سزا ٻڌائي جنهن کي ان چئلينج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button