
حيدرآباد: گسٽا صدر اعجاز کوسو، جنرل سيڪريٽري نجيب ابڙو ۽ ٻين پ پ حيدرآباد ڊويزن جي اجلاس ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري اڳيان 2012ع ۾ حيدرآباد ۾ ڀرتي ٿيل اڌر ڪيڊر استادن جي نوڪرين مان امڪاني برطرفين خلاف احتجاج ڪيو. استاد اڳواڻن چيو ته تعليم کاتي جا اعلى عملدار اسڪروٽني جي آڙ ۾ برطرف ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪو ظلم آهي. اسان پ پ جا ووٽر ۽ جيالا آهيون، ان باوجود پنهنجي ئي سرڪار ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي نثار کهڙو کين خاطري ڪرائيندي چيو ته اڄ ڪراچي پهچي صوبائي وزير سردار شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سان ڳالهائيندس ۽ اوهان جو مسئلو حل ڪرائيندس. ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته استادن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي. آخر ۾ استاد اڳواڻن پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو اڳيان واضح ڪيو ته مسئلو حل نه ٿيو ته اسان بلاول هائوس اڳيان اجتماعي خودڪشيون ڪنداسين، جنهن جو ذميوار تعليم کاتو هوندو.