پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ جهنگ مان همراهه جو لاش مليو، قتل جو شڪ ظاهر

چمبڙ: چمبڙ ۾ جهنگ مان همراهه جو لاش مليو، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو. رپورٽ موجب چمبڙ جي سنجر چانگ روڊ تي گرڊ اسٽيشن سامهون واٽر سپلائي وڙ ديوين جي جھنگ مان 4 ٻارن جي پي 45 ورھين جي انور پٽ ملوڪ گوپانگ جو لاش مليو، همراهه چمبڙ ڀرسان ڳوٺ سانوڻ گوپانگ جو رھواسي ھو ۽ 4 سالن کان شھر جي علي ٽائون ڪالوني ۾ رهندو هو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي ۽ لاش کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب فوتي جي جسم تي تشدد سميت ڌڪ جو ڪو نشان ناهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد معاملي جي خبر پوندي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. اطلاع تي گوپانگ برادري جا سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا. ٻئي پاسي انور جي ڀائرن رجب ۽ اميربخش گوپانگ ٻڌايو ته انور گوپانگ رات دعوت ۾ وڃڻ جو چئي گهران نڪتو هو. اسان کي شڪ آهي ته ڀا کي قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي همراهه جو لاش ڳوٺ ساوڻ گوپانگ گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. انور گوپانگ کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button