پاڪستانسنڌ

گينگ ريپ ۽ جنسي زيادتين جي روڪٿام ايڪٽ تي عمل بابت ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گينگ ريپ، ٻارڙِن سان جنسي ڏاڍائي جي واقعن بابت اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انوسسٽيگيشن ايڪٽ 2021 تي عمل لاءِ درخواست جي شنوائي تي پوليس کي ايندڙ شنوائي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته قانون تي عملدارآمد نه ٿيڻ تي روزانو واقعا ٿي رهيا آهن، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ افسوسناڪ واقعا ٿيا، گينگ ريپ ٽرائل لاءِ قانون ٺهيو پر عمل نه پيو ٿئي قانون تي عملداري نه ٿيڻ سان جنسي زيادتي جا ڪيس متاثر ٿي رهيا آهن. واقعا روڪڻ ۽ شفاف تيز ترين ٽرائيل يقيني بنائڻ جي هدايت ڏني وڃي.

عدالت درخواست جي فوري شنوائي جي اپيل تي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، قانون واري وفاقي سيڪريٽري، گهرو وفاقي سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري سنڌ، قانون واري سيڪريٽري، آئي جي سنڌ ۽ ڊي جي نادرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڌرين کان 19 جنوري تائين جواب گهري ورتو، عدالت پوليس کي ايندڙ شنوائي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button