پاڪستانسنڌ

مڪاني چونڊ روڪرائڻ لا ڪمشنر حيدرآباد جو اليڪشن ڪميشن سنڌ کي خط

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ کي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ نئون خط اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد پاران اليڪشن ڪميشن سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سخت برساتن ۽ ٻوڏ سان ضلعو دادو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ هن وقت تائين ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي ۽ ڪوشش جي باوجود پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن علائقن ۾ عوام جي پهچ ۽ چرپر ڏکي آهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ 12 هزار خاندان هن وقت تائين بي گهر آهن، اهڙين حالتن ۾ پرامن پولنگ ۽ ٽرن آئوٽ بهتر نه ٿي سگهندو، موجوده صورتحال ۾ انهن ٻن تعلقن ۾ هڪ کان ٻن مهينن لاءِ چوندون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button