پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي 28 هين اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن بابت مختلف ادارن پاران پيش ڪيل انٽيليجنس رپورٽ جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هر قسم جي خطرن، دهشتگردي، منشيات وڪرو ڪندڙن، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي سخت آپريشن ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير اهو پڻ فيصلو ڪيو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا آءِ جيز گڏيل طور تي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ مڪمل پلان جوڙيندا، جنهن لاءِ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندن سهڪار ڪندا. ڌاڙيلن خلاف آپريشن فيصلائتا ۽ سندن پاڙ پٽيندڙ هوندا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ۾ ناصر حسين شاهه، شرجيل ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ خادم رند، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، انٽيليجنس ايجنسين جي صوبائي سربراهن ۽ عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي غور ويچار ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سي پي ايل سي 2022 دوران اسٽريٽ ڪرائم جا 85 هزار ڪيس رپورٽ ڪيا ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ کي ان بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ چيو جنهن تي آءِ جي سنڌ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته 4 قسم جي ڏوهن جهڙوڪ موٽرسائيڪل چوري، ڪار چوري، موبائل فون چوري ۽ ڦرلٽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا. غلام نبي ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته 2022ع ۾ پوليس 2258 انڪائونٽر ڪيا، 1259 گينگز ختم ڪيا، 16621 ڌاڙيلن/دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ 204 کي جهنم اماڻيو. آءِ جي سنڌ اپيڪس ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته عادتي ڏوهن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلن جي رهائي بابت 1655 ڏوهاري اهڙا آهن، جن کي تازو ئي اسٽريٽ ڪرائمن جي وارداتن ۾ گرفتار ڪيو ويو پر گرفتاري جي هڪ هفتي کان ڇهن مهينن اندر ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ هفتي ۾ 8، ٻن هفتن ۾ 26، هڪ مهيني ۾ 107، ٽن مهينن ۾ 352، ڇهن مهينن ۾ 470 ۽ ڇهن مهينن کان مٿي 692 ڏوهارين کي آزاد ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير قانون کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان عملي ڪارروائي تيز ڪري. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪچين آبادين ۾ لڳاتار ڪومبنگ آپريشن ذريعي انهن خلاف ڪريڪ ڊائون جي حڪمت عملي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گهڻو اچ وڃ وارن ڪلاڪن ۾ اسنيپ چيڪنگ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اشتهاري ڏوهارين، ڀڄي ويندڙ ڏوهارين ۽ ضمانت تي ويندڙ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون. آءِ جي پوليس اجلاس کي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي وارا علائقا ڏوهارين لاءِ روايتي محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهن. ڏوهاري گهڻو ڪري سنڌو درياهه جي ننڍن ٻيٽن ۾ لڪي ويٺا آهن جتي پوليس نٿي پڄي سگهي، ڌاڙيل اهي پناهگاهون پاڻ کي لڪائڻ ۽ ڀنگ عيوض کنڀي کڻي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اغوا جي واقعن ۾ پوليس تي دٻاءُ هوندو آهي ۽ اغوا ڪندڙن جي آزاديءَ لاءِ ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن جنهن ڪري ڌاڙيلن جو حوصلو وڌي ٿو ۽ ڏوهن ۾ به واڌ ٿي رهيو آهي. پوليس جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٻنهي پاسن جو جاني نقصان ٿيو ۽ ڏوهارين پاران پرتشدد جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۽ بلوچستان جي آءِ جيز سان اجلاس ڪري ڌاڙيلن خلاف منظم آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تفصيلي ايڪشن پلان تيار ڪري. ڪور ڪمانڊر چيو ته آپريشن ۾ پاڪ فوج ۽ رينجرز به پوليس جي مدد ڪندي،

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آپريشن تيز ڪيو وڃي ته جيئن ڌاڙيلن جو خوف هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي. گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير تازو ئي 275 ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ هيڊمني 465 ملين رپيا انعام رکيا آهن جيڪي سندن گرفتاري يا موت لاءِ سهڪاري بڻجندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو اجلاس کي ٻڌايو ته رينجرز، آءِ بي ۽ اسپيشل برانچ جي سهڪار سان شهر ۾ 735 منشيات وڪرو ڪندڙن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي جن مان 431 گرفتار، 333 جيلن ۾، 98 ڄڻا ضمانت ۽ 304 فرار آهن. اهڙي ريت حيدرآباد ۾ 376 منشيات فروشن مان 212 گرفتار، 91 جيل ۾، 121 ضمانت تي ۽ 164 فرار آهن. رينجرز ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڪارروايون ڪري 107 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو، 80 ڄڻ کي جهنم اماڻيو، 47 کي جيل موڪليو ويو، 33 ضمانت تي آزاد ۽ 27 فرار آهن. سکر ۽ لاڙڪاڻي جي علائقن ۾ 1620 منشيات وڪرو ڪندڙن مان 854 کي گرفتار ڪيو ويو، 518 کي جيل موڪليو ويو، 273 کي ضمانتون مليون ۽ 766 فرار آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف موثر آپريشن ڪن. ڊي جي رينجرز پنهنجي پريزنٽيشن پڻ ڏني جنهن ۾ هن رينجرز جي ڏوهارين خلاف آپريشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ ڌماڪي بابت دهشتگردي جي خطري تي غور ڪيو ويو ۽ شهر ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سڀئي ادارا هڪٻئي سان انٽيليجنس بنياد تي ڄاڻ کي شيئر ڪندا ۽ آپريشن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير کي 15 جنوري 2023 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊن ۾ پوليس جي مقرري بابت بريفنگ ڏني وئي. پولنگ اسٽيشنن جو انگ 4995 هوندو جتي 25340 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. 2728 عمارتن جي حفاظت لاءِ ڪوئڪ ريسپانس فورس کي مقرر ڪيو ويندو. هڪ ڪوئيڪ ريسپانس فورس کي 10 عمارتن جي حفاظت لاءِ ٻه پوليس موبائيل ۽ 14 پوليس اهلڪار فراهم ڪيا ويندا، 273 ڪيو آر ايف يونٽن ۾ 564 موبائيل ۽ 2833 پوليس اهلڪار جلد ڪارروائي لاءِ تيار هوندا. ان کان علاوه 257 اهلڪارن جي ريزرو فورس به هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button