پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ فلڊ جيپ ريلي شروع، ملاکڙي جا زبردست مقابلا

مٺي: مٺي ۾ ٿر فلڊ جيپ ريلي جي پهرين ڏينهن مقابلي لا 67 گاڏين ڪواليفائيڊ رائونڊ مڪمل ڪيو. ملھه ملاکڙي ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ پهلوانن مقابلا ڪري تفريحي جي مزي کي چار چند لڳائي ڇڏيا. خبر موجب سنڌ جي راندين واري کاتي ۽ سنڌ موٽرس ايسوسيئيشن پاران منعقد ڪرايل ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي مقابلن جي ڪواليفائيڊ رائونڊ جو افتتاح صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله ڪيو. مقابلي ۾ شامل 67 گاڏين ڪواليفائيڊ رائونڊ مڪمل ڪيو. جڏهن ته گاڏين جو ڪواليفائيڊ رائونڊ مقابلو ڪل 3 ڪلوميٽر مفاصلي تي رکيو ويو. مقابلي ۾ 4 ٿر جون مقامي گاڏيون پڻ شامل هيون. سنڌ جي راندين بابت صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله مهمانن جي آجيان ڪئي. جڏهن ته ساڳي هنڌ سنڌ جي قديمي ۽ ثقافتي راند ملھه جو ملاکڙو پڻ جاري رهيو. ملاکڙي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن مان پهتل ملھه پهلوانن زبردست مقابلا ڪري پهلواني جا جوهر ڏيکاريا. جڏهن ته گاڏين ۽ ملهھ جي مقابلن جو فائنل اڄ ٿيندو ۽ 8 جنوري تي ڪامياب ٿيندڙ رانديگرن ۽ پهلوانن جي اعزاز ۾ تقريب ٿيندي. هوڏانهن صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيپ ريلي مقابلا انٽرنيشنل راند آھي، جيڪا ٿر ۾ منعقد ڪرڻ سان ٿر دنيا جي توجه جو مرڪز بڻجندو. سنڌ سرڪار ۽ سنڌ موٽر ايسوسيئيشن پاران ٽن ڏينهن واري جيپ ريلي سان سڄي دنيا جو ٿر طرف ڌيان ڇڪايو ويو آھي. ٿر جو رڳو تعارف وسڪارو ۽ ڏڪار ناهن، ٿر فطرت جو حسين نظارو آھي، سڄي ٿر کي هر موسم ۾ تفريحي جو ماڳ بڻائي سڄي دنيا کي جو ڌيان ڇڪائينداسين. ٿر جيپ ريلي جو ڪوبه مقامي ماڻهو مخالف ناهي، ٻاهر ويٺل ڪجهه سازشي ماڻهو ناڪام سازشون ڪن پيا. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٿر ۾ ڪوبه شڪار نه ٿيو آھي، شڪار واريون ڳالهيون ڪجهه ماڻھن جو هٿرادو ڊرامو آھي، جن کي جاچ بعد وائکو ڪنداسين. باقي هميشه ٿري ماڻھن شڪار خلاف مزاحمت ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button