چمبڙ: تحريڪ انصاف ضلعي ٽنڊوالھيار جي صدر، يوسي لانڍي تي ضلعي ڪائونسل، چيئرمين ۽ يوسي دريا خان مري جي ضلعي ميمبر طور بيٺل اميدوار ايڊووڪيٽ محمد اسلم لغاري چمبڙ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي آهي ته انشاالله 15 جنوري تي پي ٽي آئي تعلقي چمبڙ جي يوسي لانڍي کي ڪلين سوئيپ ڪندي. يوسي دريا خان مري مان پڻ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ کٽيندس. ھاڻ عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي. ڀوتارن ۽ وڏيرن کان ماڻهو نٿا ڊڄن. ھن چيو ته تازي برساتن سبب اڃا تائين يوسي لانڍي، مسوبوزار ۽ ٻين علائقن مان 5 مھينا گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال ٿي نه سگھيو آهي. برسات متاثرن لا ايندڙ راشن ۽ ٻيو سامان من پسند ماڻھن ۾ ورھايو ويو آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي غريب عوام دشمن پاليسي سبب اٽو غريب جي خريد جي پھچ کان پري ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close