پاڪستانعالمي

پاڪستان ۾ ٻوڏ اچڻ بعد بک ۽ بدحالي، وڌيڪ 90 لک ماڻهو غربت ۾ وڃڻ جو خدشو

گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي مستقبل جي خطرن کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ جي تباهين سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا جنهن سبب وڌيڪ 90 لک ماڻهن جو غربت ۾ وڃڻ جو خدشو آهي، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي ريزيڊنٽ ريپريزنٽيٽو ڪيوٽ اسٽبي چيو ته اسان جو اندازو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل چوماسي جي برسات دوران آيل ٻوڏ سبب وڌيڪ لڳ ڀڳ 90 لک ماڻهو غربت ۾ وڃي سگهن ٿا، ماحولياتي تبديلين جا اثر ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي جنيوا ۾ هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائمينٽ ريزيلينٽپ پاڪستان ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا اعليٰ نمائندا شرڪت ڪندا. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي ٻوڏ پهرين ناهي آئي پر اهڙو ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ٻين ملڪن ۾ به ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو ۽ ايندڙ مند لاءِ فصل پوکجي نه سگهيا جنهن سبب زرعي جنسن ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ سان نه رڳو غذائي عدم تحفظ ۾ اضافو ٿيو پر غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو انگ 70 لک کان وڌي هڪ ڪروڙ 46 لک تائين پهچي سگهي ٿو. ڪيوٽ اسٽبي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 20 لک گهر 13 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا، 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ ريلوي ٽريڪ، 439 پليون، تباهه ٿيون ۽ نقصان پهتو، 40 لک ايڪڙ فصل تباهه ٿيو ۽ نقصان پهتو جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو، هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين به ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو معمول جي زندگي طرف واپس نٿا وڃي سگهن ۽ هو انساني امداد تي ڀاڙين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button