پاڪستان

ملڪ ۾ مهانگائي آئي ايم ايف جي ڪري آهي، شرط پورا ڪرڻ سان اگهه وڌن ٿا:وفاقي حڪومت

وفاقي حڪومت ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي جو ذميوار آ ايم ايف کي قرار ڏئي ڇڏيو، گهرو معاملن جي وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته معاشي بحران ۾ سڀ کان گهڻو عمل دخل آ ايم ايف جو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي به آ ايم ايف جي ڪري آهي، جيڪو چوي ٿو ته پئٽرول جا اگهه وڌايو ۽ سبسڊيز ختم ڪري ڇڏيو، دوست ملڪ به چون ٿا ته توهان آ ايم ايف سان معاهدو ڪريو، تنهن کانپو ئي توهان جي ڪا مدد ڪنداسين. فيصل آباد ۾ تقريب ۾ کي خطاب ڪندي راڻا ثنا چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) چوي ٿو ته پهرين شرط پورا ڪريو، بعد ۾ مدد ڪئي ويندي، اسان معاهدي تي عمل ڪريون ٿا ته عام واهپي جي شين جا اگهه وڌن ٿا، پئٽرول مهانگو ڪرڻ سان مجموعي طور مهانگائي به وڌي وڃي ٿي، وزيراعظم مهانگائي گهٽائڻ لا ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، آ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان ماڻهو مختلف قسمن جون ڪهاڻيون گهڙي رهيا آهن، ٻئي پاسي هڪ بي شرم ماڻهو چاهي ٿو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي. گهرو وزير چيو ته دوست ملڪ به چون ٿا ته توهان آ ايم ايف سان معاهدو ڪريو جنهن بعد ئي اسان توهان جي مدد ڪري سگهنداسين، حڪومت ڪوششن ۾ لڳي پئي آهي ته ملڪ ڊيفالٽ نه ٿئي پر هڪ بي شرم شخص چاهي ٿو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري، عمران خان ٽي وي تي ويهي پروپئگنڊا ڪري پيو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، ان وقت ته ڪير به نه پيو چوي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ ترقي ڪري رهيو هو ته هن بدبخت کي آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، عمران خان کي آڻي اهڙا اهڙا ڪيس ٺاهيا ويا جيڪي ثابت نه ٿي سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button