پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ صحافي آچر خاصخيلي جي ياد ۾ ميڙاڪو، ڀيٽائون

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ قديم ماڳن لا پاڻ پتوريندڙ نامياري صحافي آچر خاصخيلي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. شاھه عبداللطيف ميونسپل لائبريري هال ۾ مهراڻ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائيٽي پاران منعقد تعزيتي ميڙاڪي کي اڳوڻي تعلقي ناظم چاچا غلام مرتضى جوڻيجو، زاهد حسين ميمڻ، دودو پنهور، گل حسن لاکو، عاشق ساند، رياض سنجراڻي، انور مري، لکاڏنو خاصخيلي، غلام رسول پنهور، وفا رضا، عمران هنڱورو، ساجد چاڪراڻي، شاعر جمن ساند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آچر خاصخيلي سنڌ جي ثقافت جو سچو عاشق هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لا سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي. هنن چيو ته آچر خاصخيلي سنڌ جي قديم آثارن کي بچائڻ لا هميشه جدوجهد ۾ رهيو. هن برهمڻ آباد جي حفاظت ۽ وڌيڪ کوٽائي لا هميشه جدوجهد ڪئي، هن ئي برهمڻ آباد تي قبضي دوران قبضا مافيا لا مشڪل پيدا ڪئي، تقريب ۾ شاهھ لطيف جي راڳين ۽ ٻين راڳ ڳائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button