پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ ٻن ٻارن جو مائٽن کان ڪاوڙجي ڌار ڌار آپگهات

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ ٻن ٻارن مائٽن کان ڪاوڙجي ڌار ڌار آپگهات ڪري ڇڏيو. ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڏوڏوا ۾ 14 سالن جي نينگر اٺين ڪلاس جي شاگرد نهالچند ولد ڪيول ڪولهي جو ٻني ۾ ڪنڊي جي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو. واقعي جو اطلاع ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب والد پاران وڏي ڀا کي موبائل وٺي ڏيڻ ۽ نهالچند کي موبائل فون نه وٺي ڏيڻ تان نينگر ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي ڳوٺ پاوڙياري ۾ 13 سالن جي نينگر ھرچند ڪولھي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻڌايو وڃي ٿو ته نينگر پي کان خرچي گھري، نه ڏيڻ تان ڪاوڙجي هرچند آپگهات ڪيو. پوليس لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button