پاڪستانسنڌ

ديا ڀيل کي قتل ڪندڙ ڀوپي جي گرفتاري ظاهر

سانگهڙ/سنجهورو: سنجهوري جي ڳوٺ ڊپٽي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ديا ڀيل جي قتل ڪيس ۾ پوليس ڀوپي روپو ڀيل جي مک جوابدار طور گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي. ڊي آئي جي بينظيرآباد پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته جوابدار جي نشاندهي تي وڌيڪ 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. سنجهورو ويجهو بيدردي سان قتل ٿيل عورت ديا ڀيل جي قتل جي مک جوابدار ڀوپي روپو ڀيل جي پوليس گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد محمد يونس چانڊيو سانگهڙ جي ايس ايس پي بشير احمد بروهي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ 4 ماڻهو ملوث آهن، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جوابدار جي نشاندهي تي ٽن ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. 100 ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي، 42 ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وئي. ايس ايس پي آفيس سانگهڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊي آئي جي وڌيڪ چيو ته ديا ڀيل قتل ڪيس انڌو ڪيس هو، 11 ڏينهن جي ڊگهي جاچ کانپوءِ ڪيس جي مرڪزي جوابدار ڀوپو روپو ڀيل کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار جو عدالت مان 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن، گرفتار جوابدارن ۾ ڀوپو لوڻيو ڀيل، عورت ديا جو ڀائيٽيو ساجن ڀيل ۽ ديا جو ڀا ديا رام عرف ڏهراج ڀيل شامل آهن، جن کان وڌيڪ جاچ ٿئي پئي. ديا ڀيل کي ڀوپن جادو لاءِ نشانو بڻايو، ڀوپن انساني عضوا حاصل ڪرڻ لاءِ افسوسناڪ ۽ انسانيت کان ڪريل واقعو ڪيو، مک جوابدار جي نشاندهي تي عورت ديا ڀيل جا وار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ڊي اين اي لاءِ موڪليو آهي. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته عالمي ميڊيا خاص ڪري ڀارتي ميڊيا ديا ڀيل ڪيس کي مذهبي رنگ ڏنو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي، جاچ لا جيو فينسنگ، ڊي اين اي ۽ کوجي ڪتن کي به استعمال ڪيو ويو. ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ديا ڀيل ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جي آءِ ٽي جون خدمتون پڻ ورتيون پيون وڃن، جوابدارن جي اڳوڻن ٽريڪ رڪارڊ ۽ رابطن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي جاچ ۾ ٻن ڀوپن جو اھم ڪردار آھي. ٻئي پاسي مقتولا ديا ڀيل جي والد ٻڍو ڀيل اعتراف ڪندي ٻڌايو ته ديا ڀيل ۽ سندس ور تلوڪو ڀيل ڀوپن تي وڏو اعتماد ڪندا هئا، ڀوپي روپي ڀيل ۽ سندس ڀا ڌرمو ڀيل جيڪي ڊپٽي ڳوٺ جي مقامي زميندار وٽ ھارپو ڪندا هئا، اهي ٻئي ڪارو جادو ۽ تعويذ ڦيڻا ڪندا هئا، جن سان ديا ڀيل ۽ سندس ور تلوڪو ڀيل جا ويجها تعلق هئا، تلوڪو جڏهن به بيمار ٿيندو هو ته روپي ڀيل کان علاج ڪرائيندو هو. ٻڍي ڀيل وڌيڪ ٻڌايو ته تلوڪو ڀيل هڪ ڀيري بيمار ٿيو ته ڀوپي روپي ڀيل ۽ ڌرمون ڀيل کي 10 هزار رپيا پڻ ڏنا هئا، جڏهن ان مان تلوڪو ڀيل ٺيڪ نه ٿيو ته زال مڙس ڀوپن کان رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو ۽ هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن تي مقتولا ديا ڀيل ۽ سندس ور تلوڪو ڀيل مقامي زميندار کي دانهن ڏني، مقامي زميندار ٻنهي ڀوپن جي گرفتاري لا پوليس چڙهائي ڪرائي، جنهن بعد اھي ٻئي ڀوپا فرار ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button