پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي لڳ مقتول نوجوان جي وارثن وٽ منٿ ميڙ قافلو پهتو

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ 4 مهينا اڳ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سم نالي کي ڪٽ ڏيڻ واري معاملي تان مقتول محمد امين چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڌر طرفان پ پ اڳواڻ سيد رياض شاهه جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو پاڪ ڪتاب کڻي مقتول جي ڳوٺ محمد خان چانڊيو پهتو، جنهن ۾ وڏيرو احساس علي عباسي، رياض حسين دايو، اڪرام علي ڀٽو، قمرالدين ابڙو، خان شيخ ۽ علي محمد ميمڻ سميت عمراڻي، جتوئي، ٻگهيا ۽ ٻين برادرين جا معزز شامل هئا، جن مقتول جي وارثن گل حسن چانڊيو ۽ ديدار چانڊيو سان ڳالهيون ڪري کين چيو ته اسان پاڪ ڪتاب کڻي توهان وٽ ميڙ منٿ قافلو کڻي آيا آهيون ۽ معاملي جي صلح چاهيون ٿا. ان تي مقتول جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي صلاح مشوري لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ورتي، جنهن بعد دعا گهري وئي. معززن ٻن ڏينهن بعد ٻيهر ميڙ منٿ ساڻ ڪري اچڻ جي حامي ڀري. ان حوالي سان مقتول ڌر جي معززن گل حسن ۽ ديدار چانڊيو ٻڌايو ته اسان برادري جي معززن ۽ وڏن سان صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ ميڙمنٿ قافلي جي اڳواڻن کان ٻن ڏينهن جي مهلت گهري آهي، جنهن کان پوءِ نبيري جي تاريخ ورتي ويندي. واضع رهي ته گذريل ٻوڏ ۽ برسات دوران 28 آگسٽ جي رات دير سان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سم نالي کي ڪٽ ڏيڻ جي معاملي تان ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ محمد خان چانڊيو واسي نوجوان محمد امين چانڊيو قتل ۽ گلبهار چانڊيو توڙي گل حسن چانڊيو زخمي ٿي پيا هئا. جنهن جو ڪيس پيرل ابڙو، دين محمد ابڙو، علي ڏنو ابڙو، نياز ڪورائي ۽ هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button