پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ راهمن جي ٻن سيادي ڌڙن ۾ 25 سالن بعد اختلاف ختم

ڇاڇرو: ڇاڇري ۾ راهمان برادري جي ٻن وڏن سياسي ڌڙن گانڌياڻي ۽ عبدالاڻين ۾ گذريل 25 سالن کان هلندڙ سياسي اختلاف ۽ ڪاوڙ ختم ٿي وئي. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي گروپ سان تعلق رکندڙ جي ڊي اي گروپ جي ايم پي اي عبدالرزاق راھمون، تحريڪ انصاف اڳواڻ نظام الدين راهمون، خليفو رمضان ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ۽ وڏي وزير خاص معاون دوست محمد راهمون جي رهائشگاهه تي پهتا، جتي راهمان برادري جا معزز حاجي آچار راهمون ۽ سليم راهمون سميت ٻيا موجود هئا. ذريعن موجب اڳواڻن 25 سالن کان هلندڙ سياسي اختلاف ختم ڪري ڇڏيا، جنهن بعد ضلعي جي سياست ۾ هڪ وڏي تبديلي جا امڪان آهن. رابطو ڪرڻ تي اڳواڻن چيو ته 22 جنوري تي ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ عيداڻي ۾ ٿرپارڪر سميت پوري سنڌ ۾ رهندڙ راهمان برادري جو هڪ وڏو ڪٺ گهرايو ويو آهي، جتي برادري جا ماڻهو گڏ ٿي سياسي مستقبل بابت جيڪو فيصلو ڪندا، اهو قبول ڪنداسين، هن وقت اڳواڻن جا اختلاف ختم ۽ اچ وڃ جو رستو شروع ڪيو ويو آهي. هوڏانهن عبدالرزاق راهمون ۽ دوست محمد راهمون جي گڏيل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سياسي حلقن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button