پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ سائين جي ايم سيد جي ١١٩ ھين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

راڌڻ: راڌڻ شھر ۾ جسام چيئرمين غازي خان سولنگي جي رھائشگاھه تي سائين جي ايم سيد جي ١١٩ ھين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. جنھن ۾ صحافين، سياسي سماجي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن ۽ مزدور اڳواڻن شرڪت ڪئي. انھي موقعي تي جسام چيئرمين غازي خان سولـنگي چيو ته سائين جي ايم سيد سراپا سنڌ ھيو، سيد جو فڪر اڄ لکين سنڌ واسين جي دلين ۾ آھي، اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن سنڌ حقيقي آجپو حاصل ڪندي. غازي خان سولنگي، فقير صابر، غلام مصطفى سولنگي، ايوب سولنگي، صحافين عبدالستار ميراڻي، ڊي بي بلوچ، اقبال مڱڻھار، استاد اڪبر سولنگي، نديم خانزادو سميت ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button