ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ ڳوٺ چوکنڊي واسي پورهيت نوجوان عارف علي چانڊيو پريس ڪلب پهچي بااثر محمد صالح چانڊيو جي زيادتين ۽ مبينا پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته مان غريب مسڪين ڪراچي ۾ پورهيو ڪندو آھيان، منهنجو ڳوٺ ۾ 2 ويسا پلاٽ پيل هو، جنهن تي بااثر صالح چانڊيو قبضو ڪيو آھي، مان ڪراچي کان هتي پهچي ڳالهايون ڪيون ته هو موتمار ڌمڪيون ڏيندي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جو چئي پلاٽ تان قبضو نه ٿو کڻي، جيڪا مون غريب مسڪين سان ناانصافي ۽ زيادتي آھي، هن مطالبو ڪيو ته پلاٽ تي ڪيل بااثر جي قبضي ۽ موتمار ڌمڪين جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close