
اليڪشن ڪميشن ڪراچي، حيدرآباد ڊويزن ۽ ٺٽي ۾ مڪاني چونڊن دوران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان گهرو وزارت کي باضابطه طور تي ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گهرو وزارت کي چيو ويو آهي ته 15 جنوري کان مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پولنگ دوران فوج ۽ رينجرز سنڌ کي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن پولنگ جي عمل کي پرامن نموني يقيني بڻائي سگهجي.