پرڏيهي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏکئي وقت ۾ مالي مدد ڪندڙ عالمي ادارن ۽ مختلف ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر ستن ماڻهو مان هڪ ڄڻو ٻوڏ ۾ متاثر ٿيو آهي، اسان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهن جي بحالي لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ عالمي برادري مدد ڪري. جنيوا ۾ عالمي ڪانفرنس آن ريزيلئينٽ پاڪستان جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ کي 5 مهينا گذرڻ کانپو پاڪستان جو اڌ حصو اڃا به پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي، متاثرن جي بحالي ۽ رليف جو ڪم اڃا تائين جاري آهي، ڏکين حالتن ۾ پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير لاءِ قدم اڃا جاري آهن. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪندڙ ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو، اڄ عالمي دنيا پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار طور گڏ ٿي آهي، مستقبل ۾ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ پاڪستان هڪ فريم ورڪ ٺاهيو آهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سبب ٿيل تباهي کانپوءِ ملڪ جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close