معاشي بحران کي منهن ڏيندڙ پاڪستان کان عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) ڊالر جو ايڪسچينچ ريٽ مارڪيٽ مطابق ڪرڻ ۽ ايڪسچينج ريٽ تي هٿرادو پابندي هٽائڻ جي فرمائش ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب جنيوا ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي ناڻي جو وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ موجب ڪري ۽ ايڪسچينج ريٽ تي هٿرادو پابندي ختم ڪئي وڃي. ذريعن موجب پاڪستان کي 30 جون 2023 تائين پيٽروليم ليوي 855 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو پلان ڏيڻو هوندو، جنهن لاءِ ڊيزل تي ليوي فوري طور 32 ڏهائي 5 رپيا وڌائي 50 رپيا ليٽر ڪرڻي پوندي، گئس جي شعبي ۾ 1500 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ختم ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ گئس جا اگهه به وڌائڻا هوندا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ سبسڊيز جو خاتمو چاهي ٿو ۽ ٽيڪس آمدني ۾ 300 ارب رپين جي واڌ جو مطالبو به ڪري رهيو آهي، پاڪستان کي بجلي جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ بجلي اگهه وڌائڻا پوندا، آءِ ايم ايف بجلي جو في يونٽ اگهه ساڍا 3 رپيا وڌائڻ جو مطالبو پڻ ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات ڪندو ۽ رليف فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close