پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ اٽو مهانگو ملڻ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف پورهيت ۽ مزدور روڊن تي نڪري آيا، جن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. خبر موجب اسلام ڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. شهرين، پورهيتن، مزدورن ۽ ٻھراڙي جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڪبير ڀيل، قاسم بجير، ابوبڪر لنجو، ديدار لنجو، حاجي ڪنڀار، دليپ ڀيل، ڀورالال ڀيل، راجيش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا ميڊيڪل اسٽور کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ٽائون موڙ تي ڌرڻو هنيو، 2 ڪلاڪ لڳل ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. مظاهرين نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نوجوان ليکڪ ڪبير ڀيل چيو ته حڪمرانن مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي، گدامن ۾ ڪڻڪ سڙي رهي آھي ۽ عوام بک مري رهيو آھي،500 رپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور هاري لا 6 هزار رپيا مڻ اٽو وٺڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، عوام کي گهرجي ته اٽي خاطر روڊن تي نڪري اچي. ان موقعي تي امير حسن راهمون، رزاق موسيپوٽو، حاجي ڪنڀار ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button