پاڪستانعالمي

پاڪستان ايندڙ ڇهن مهينن جي اندر ڊيفالٽ کان بچي ويندو: بلوم برگ

آمريڪي اخبار بلوم برگ پنهنجي رپورٽ ۾ اميد ظاهر ڪئي آهي ته آ ايم ايف جو پئڪيج پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لا ڪافي هوندو، جون تائين اهو خطرو ٽري ويندو، لڳي ٿو پاڪستان ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ڏيوالي کان بچي ويندو پر ڏکيائيون اڃا ختم نه ٿيون آهن. بلوم برگ جي رپورٽ موجب پاڪستان کي جون جي آخر تائين آءِ ايم ايف جي رقم فائدو ڏيندي، سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڊالرن جي صورت ۾ وڏي قرض جي واپسي جي ڳڻتي آهي ۽ اها قرض جي واپسي اپريل 2024 ۾ ٿيڻي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي وڌيڪ ٻاهرين امداد گهربل هوندي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي باقي رهيل قسط روڪي سگهي ٿو پر ٻوڏ ۽ پاڪستان جي ضرورتن سبب ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي. رپورٽ موجب پاڪستان جي ضرورتن ۾ اٽڪل 8.8 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو شامل آهي، انهن ضرورتن ۾ 2.2 ارب ڊالرن جي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي شامل آهي، جنهن ۾ اپريل 2024 ۾ هڪ ارب ڊالرز بانڊ جي ميچورنگ به شامل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته مارڪيٽ رسڪ اسيسمنٽ موجب پاڪستان کي آءِ ايم ايف يا ٻين قرض ڏيندڙن کان وڌيڪ ٻاهرين امداد جي ضرورت هوندي، پاڪستان ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي سڀئي لاڳاپيل ادارا ڳڻتي ۾ ورتل آهن، آ ايم ايف 2 ڏهائي 6 ارب ڊالر جو رهيل پئڪيج ڏيڻ کان لنوائي رهيو آهي پر انڪار پٺيان خدشا بنا جواز آهن، آ ايم ايف کان رقم ملڻ تي دوست ملڪن ۽ عالمي بئنڪ مان به 5 ارب ڊالرن جي رقم اچي سگهي ٿي، اپريل 2024ع تائين پاڪستان کي وڏيون ادائيگيون ڪرڻيون آهن، في الحال سيڙپڪار اپريل 2024ع جي قرضن جي ادائيگي بابت پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button