پاڪستان

اربين ڊالرن جو قرض وٺڻ سبب اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي:چيف جسٽس آف پاڪستان

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اربين ڊالرن جو قرض وٺڻ سبب اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي، برساتن کي مهينا گذري ويا پر اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ريلوي گالف ڪلب ليز جي بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن دوران ريلويز جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ايم ايل ون 9 ڏهائي 8 ارب ڊالرن جي رٿا آهي ۽ ايڪنڪ ان جي منظوري ڏئي چڪو آهي. ان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اربين ڊالر قرض کڻي منصوبي تي لڳائڻ جي ڳالهه هر ڪو ڪندو آهي، مُلڪ ۾ اربين ڊالرن جو انفراسٽرڪچر پهريان کان موجود آهي، ان تي ڇا ڊليوري آهي؟ اربين ڊالر قرض وٺڻ سبب ئي اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته موڪلن دوران سنڌ ۾ ريل جو سفر ڪيو آهي، سنڌ ۾ ريلوي لائينن جي ڀرپاسي ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، برساتن کي مهينا گذري ويا آهن، پاڻي اڃا تائين نيڪال ناهي ٿي سگهيو. ريلوي اختيارين ٻڌايو ته بلوچستان ۾ صورتحال سنڌ کان به بدتر آهي. سپريم ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻن هفتن ۾ ريلوي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ بابت گڏيل پلان عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ايندڙ شنوائي 23 جنوري کان شروع ٿيندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button