پاڪستانعالمي

ٻوڏ متاثرن لا جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس،10 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد جو اعلان

عالمي ادارن ۽ مختلف ملڪن پاڪستان جي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير واري مرحلي لا ڊونرز ڪانفرنس ۾ 10 ارب 57 ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ميزباني هيٺ جنيوا ۾ موسمياتي تباهين سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لا ڪرايل “ريزيليئنٽ پاڪستان” عالمي ڪانفرنس عالمي معاونت حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ کي 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ۽ ملڪن واعدو ڪيل امدادي رقم ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جا 4 ڏهائي 2 ارب ڊالر ۽ عالمي بئنڪ جا 2 ارب ڊالر پڻ شامل آهن. جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لا ڏهه ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان کي پهرين مرحلي ۾ 8 ارب ڊالر گهربل آهن. ان حوالي سان سڌ سما واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لا عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن رنگ لاتو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڊونرز ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا پهرين مرحلي ۾ 8 ارب ڊالر امداد جي اپيل ڪئي، جنهن جي موٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان 6 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. اسلام ترقياتي بئنڪ خاطري ڪرائي آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان کي 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪندي، جڏهن ته عالمي بئنڪ 2 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان کان علواه آمريڪا، چين، فرانس ۽ ٻين ملڪن به پاڪستان جي امداد جو واعدو ڪري ورتو. جنيوا ڪانفرنس ۾ جن ملڪن ۽ عالمي ادارن پاڪستان جي مالي امداد جو واعدو ڪيو آهي، انهن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ هڪ ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 10 ڪروڙ ڊالر، جاپان 7 ڪروڙ 70 لک ڊالر، جرمني 8 ڪروڙ 40 لک يوروز، يورپي يونين 50 ڪروڙ يوروز، فرانس هڪ ڪروڙ ڊالر، چين 10 ڪروڙ ڊالر، سعودي عرب هڪ ارب ڊالر، برطانيا 90 لک يوروز ۽ ايشين انفرا اسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ملڪ جي بدترين ٻوڏ جي تباهي سبب بي گهر ٿيل 33 ملين ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير تي زور ڏنو. ريزيليئنٽ پاڪستان تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، ڇو ته هو گرمي جي موسم ۾ پاڪستان ۾ آيل وڏي آفت دوران مسلسل پاڪستان جو آواز ۽ همدرد دوست بڻيل رهيو، اسان ٻين ڪيترن ئي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ وزيرن ۽ ٻين حصيدارن جا به ٿورائتا آهيون جيڪي اڄ اسان سان شامل ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان عالمي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهيون، وسيع تبديلي جو دور اسان جي زندگين ۽ ملڪن تي ان کان وڌيڪ تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي جنهن جو اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان سڀني کي زندهه رهڻو آهي ته سڀني کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ ڏيو، گهڻ رخي سطح تي ڪجهه ڏور رس فيصلا ڪرڻا پوندا، ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان به ڪووڊ 19، وبائي بيمارين، عالمي مالياتي بحران ۽ اوڀر يورپ ۾ تڪرارن جي شديد اثرن سميت عالمي بحرانن ۾ ڦاسي پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن گرمي جي موسم کان اڳ پاڪستان خوراڪ، ٻارڻ ۽ معاشي بحران جي هڪ اڻوڻندڙ سلسلي کي منهن ڏئي رهيو هو ۽ آءِ ايم ايف ۽ گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن سميت ٻاهرئين امداد وٺڻ تي مجبور هو پر 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آهي اسان کي هڪ خطرناڪ ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، هن آفت سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ صحت ۽ تعليم جون خدمتون مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيون آهن. 10 لک ٻارڙين سميت 26 لک تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعليم ۾ خلل پيو آهي. وزيراعظم چيو ته هي آفت تاريخ جي وڏي آفتن مان هڪ آهي پر آئون ۽ منهنجو ملڪ ٻنهي ان کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان ۾ هي سرديءَ جي موسم سخت ترين آهي جيڪا گرمي پد کان وڌيڪ وڏي پئماني تي مصيبتن جو هڪ اهڙي ٻيٽ جيان آهي جتي پاڻي اڃا به بيٺل آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيڻ ڪري ان مصيبت کان اڳتي جي سوچي به نه ٿا سگهن. هن چيو ته اسان گڏيل قومن، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ٻين دوست ملڪن پاران پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ فراخدلي جي حمايت جي لاءِ تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جڏهن ته امدادي ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو، خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن حصن ۾ جتي ٻوڏ جو پاڻي اڃا ڪڍڻ جي ضرورت آهي ته جيئن فصل پوکي، گهر ٺاهي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ ادارن ۽ خدمتن جي بحالي جي لاءِ زرعي زمين تي ٻيهر دعويٰ ڪري سگهجي، اسان کي 33 ملين ماڻهن کي انهن جو مستقبل واپس ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اڄ جي هي ڪانفرنس منهنجي ماڻهن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جو ٻيو موقعو فراهم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. شهباز شريف چيو ته بحالي ۽ نئين سر اڏاوت لاءِ پاڪستان کي امداد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندڙن کي پاڪستان ڪڏهن به وساري نه سگهندو، جون کان آڪٽوبر 2022ع تائين آيل ٻوڏ پاڪستان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، جنهن کي سهارو ڏيڻ لا پاڪستان کي ايندڙ 3 سالن ۾ 8 ارب ڊالرن جي شديد ضرورت آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ 40 ملڪن سميت عالمي مالياتي تنظيمن ۽ خانگي ڊونر ادارن جا نمائندا شريڪ آهن، پاڪستان هتي پنهنجي لا امداد جي اميد لڳائي ويٺل آهي ۽ هن ڪانفرنس کي ٽيسٽ ڪيس طور ڏٺو پيو وڃي ته موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ آيل تباهي جي روڪٿام لا ڪير پئسا ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي، نه رڳو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر ملڪي معيشت به بري طرح متاثر ٿي، لکين گهر ٻوڏ ۾ وهي ويا، تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا ۽ زراعت ختم ٿي وئي، مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي ڪڏهن نه وسارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button