پاڪستانسنڌ

سامارو مان اغوا ڪيل شاگرد ٻڍو قمبراڻي مان بازياب، زيادتي جون دانهون

سامارو: سامارو مان اغوا ٿيل معصوم شاگرد کي پوليس ٻڍو قمبراڻي ۾ ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو، جوابدار فرار ٿي ويا. معصوم شاگرد پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته هڪ جوابدار جنسي زيادتي ڪئي. ان سلسلي ۾ سامارو لڳ راهوآباد ڀرسان 3 ڏينهن اڳ پنجين ڪلاس جو شاگرد 11 سالن جو نينگر راهوآباد اسڪول ويندي مبينا طور اغوا ٿي ويو هو. وارثن جي احتجاج بعد پوليس جي اعلى علمدارن نوٽيس ورتو، جنهن بعد سامارو پوليس ھڪ جوابدار جي موبائل فون جي لوڪيشن ٽريس ڪرائي ٻڍو قمبراڻي جي ڳوٺ محمد حسين خاصخيلي ڀرسان ڇاپو هنيو، جنهن دوران جوابدار پوليس کي ڏسي نينگر کي ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس نينگر کي بازياب ڪرائي سامارو ٿاڻي تي آندو. بازياب ڪرايل نينگر جي پي جي فرياد تي بدين واسي جوابدار سميت 2 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو ته منهنجو پٽ راهوآباد اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو آهي، جيڪو منھنجي ڀا جي موٽرسائيڪل ڪاھي اسڪول ويو، جتان جوابدار رستم عرف شاهنواز ماڇي ۽ هڪ نامعلوم جوابدار پٽ کي موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪيو. ٻئي طرف بازياب ٿيل نينگر سامارو پوليس وٽ 161 تحت بيان رڪارڊ ڪرائيندي پوليس کي ٻڌايو ته بدين واسي جوابدار ۽ هڪ نامعلوم جوابدار اسڪول ويندي موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا، جتي بدين واسي جوابدار مون سان 2 ڀيرا جنسي زيادتي ڪئي. معصوم ٻار جي بيان بعد پوليس نينگر کي سامارو تعلقي اسپتال آندو، جتان نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، جنھن بعد پوليس نينگر کي سامارو جي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي نينگر جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جنھن بعد پوليس نينگر کي والد حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button