پاڪستانسنڌ

مراعتون ۽ وڌايل 10 سيڪڙو پينشن نه ملڻ خلاف رٽائرڊ ملازمن جا مظاهرا

حيدرآباد: سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ مراعتون ۽ وڌايل پينشن نه ملڻ خلاف رٽائرڊ سرڪاري ملازمن مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي رٽائر ملازمن جي تنظيم گريوا جي سڏ تي رٽائر ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن گھرام بلوچ، امام بخش لاشاري، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ٻين چيو ته ٻين صوبن جي رٽائر ملازمن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پر سنڌ حڪومت صوبي جي رٽائرڊ ملازمن جي حق تلفي ڪري پئي. سنڌ حڪومت اسان جي پينشن مان ڪٽوتي ڪري ٿي، ان کانسواءِ گروپ انشورنس، بينوئل فنڊ ۽ صحت ڪارڊ سميت ٻين مراعتن کان محروم ڪرڻ سميت وزيراعظم پاران 10 سيڪڙو وڌايل پينشن به نٿي ڏني وڃي، جيڪا زيادتي آهي. ھنن چيو ته رٽائرڊ ملازم سخت مالي بحران ۾ مبتلا آھن. اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ٿيڻ ڪري ڳڻتي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته جائز مسئلا حل ڪيا وڃن. لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي رٽائرڊ ملازمن ضلعي صدر شاهنواز جمالي، جنرل سيڪريٽري امداد علي عباسي، تعلقي صدر عبدالڪريم سومرو، جنرل سيڪريٽري احسان علي کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. نوشهروفيروز ۾ ارشاد علي عباسي، مير ولي محمد ٽالپر، ولي محمد سيال، حاجن لاڙڪ، نذير قريشي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. اسلام ڪوٽ ۾ گريوا سنڌ جي سڏ تي رٽائرڊ ملازمن رانجهو خان ڪنڀر، مبارڪ علي، ابراهيم بجير، اڪبر بجير، اشرف سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. قمبر ۾ پرائمري اسڪول کان ريلي ڪڍي ڪامريڊ امان الله چانڊيو، محمد ايوب سولنگي، ضلعي صدر منٺار علي ٻرڙو، عبدالنبي چانڊيو ۽ محبوب رڪُ راهوجو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. چيلهار ۾ گريوا ٿرپارڪر جي پريس سيڪريٽري شنڪر باغي، چيلهار جي اڳواڻن مشتاق قاسماڻي، گوبند چيلاڻي ۽ گورڌن داس جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. خيرپور جي رٽائرڊ ملازمن رٽائرڊ پروفيسر عبدالطيف راڄپر، حزب الله گھمرو، ارباب علي ڀيو ۽ سرائي ساجد جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. جيڪب آباد ۾ عبدالقادر کوسو، اعجاز علي اُنڙ ۽ الاهي بخش بوھڙ جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. حيدرآباد ۾ قاضي رڪن الدين، نانڪ رام ڀاٽيا، سڪندر سولنگي، مهتاب رند ۽ ٻين احتجاج ڪيو. گولاڙچي ۾ عبدالغني چنا ۽ گولاڙچي جي صدر محمد اسلم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. بدين ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button