پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ اڌر ڪيڊر استادن جو ڌرڻو، سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ

ڪراچي: حيدرآباد ۾ 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل اڌر ڪيڊر استادن گسٽا جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن بعد سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس رستا بند ڪري ڇڏيا. ڊائريڪٽر جنرل ايڇ آر پهچي ڳالهيون ڪيون. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل اڌر ڪيڊر استادن اسڪروٽني جي آڙ ۾ امڪاني طور برطرفين خلاف ڪراچي ۾ پريس ڪلب اڳيان گسٽا حيدرآباد جي اڳواڻن علي اعجاز کوسو، نجيب ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي استادن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي، احتجاج ۾ عورت استادن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي بعد استاد سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪيو ته پوليس رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ امڪاني طور استادن مٿان شيلنگ لا تياري ڪري ڇڏي، پر ڊائريڪٽر جنرل ايڇ آر ضمير حسين کوسو استادن وٽ پهچي ويو، جنهن استادن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي ته اڄ اوهان جي ملاقات سيڪريٽري سان ڪرائي ويندي، ڪوشش ڪئي ويندي ته استادن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن. جنهن بعد استاد واپس مارچ ڪري پريس ڪلب پهتا ۽ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي علي اعجاز کوسو، نجيب ابڙو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي 10 سال نوڪريون ڪندي ٿي ويا آهن، پر هاڻ تعليم کاتو اسڪروٽني جي آڙ ۾ برطرف ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو ظلم آهي، اسان سڄي رات پريس ڪلب وٽ گذارينداسين ۽ صبح جو سيڪريٽري سان ملاقات ڪري پنهنجا جائز مسئلا پيش ڪنداسين، اميد آهي ته سيڪريٽري انصاف ڪندو. هنن وڌيڪ چيو ته نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو ته اسان بلاول هائوس اڳيان احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button