پاڪستانسنڌ

حيدرآباد گسٽا سٽي جي چونڊ، محمد نعيم صدر ۽ رميز راجا آفيس سيڪريٽري ٿي ويا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گسٽا حيدرآباد سٽي جي چونڊ ٿي گذري، جنهن ۾ محمد نعيم کي صدر، جاويد خان کي سينيئر نائب صدر، آفتاب مقبول کي وائيس ميل صدر، صاديه اسلم کي وائيس فيميل صدر، غلام نبي شيخ کي جنرل سيڪريٽري، محمد جميل کي جوائنٽ سيڪريٽري، راشدالدين کي فنانس سيڪريٽري، هدايت الله ابڙو کي پريس سيڪريٽري ۽ رميز راجا کي آفيس سيڪريٽري چونڊيو ويو. گسٽا حيدرآباد سٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي رائيس غلام محمد ڀرڳڙي اسڪول ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ گسٽا ضلعي جي صدر محمود چوهاڻ به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هيڊماستر پريم چند، استاد عامر راهي، شمس العارفين، عارف لوڌي ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن محمد نعيم، جاويد خان، آفتاب مقبول، رميز راجا ۽ ٻين کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button