پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب، 186 ميمبرن جي حمايت، اسيمبلي ۾ هنگامو، اپوزيشن جو بائيڪاٽ

پنجاب اسيمبلي جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پرويز الاهي اپوزيشن جي شديد احتجاج باوجود 186 ميمبرن جي حمايت سان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مخالف ڌر جا ميمبر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا، ايوان ۾ بدنظمي دوران ميمبر هڪٻئي سان هٿين پئجي ويا، هڪٻئي تي ڪرسين سان حملا پڻ ڪيا ويا، جنهن سبب اسيمبلي ۾ جنگ جي ميدان جهڙو منظر پيش ٿيندو رهيو. حڪومت طرفان اعتماد جي ووٽ لا قرارداد ميان اسلم اقبال پيش ڪئي، جنهن تي را شماري ڪرائي وئي، جنهن بعد نتيجا پڌرا ڪيا ويا، جنهن مطابق پرويز الاهي 186 ميمبرن جا ووٽ حاصل ڪري اعتماد تي پورو لٿو آهي. ان کان اڳ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبر هڪ ٻئي سان هٿين پئجي ويا، ڪرسين سان هڪٻئي تي حملا ڪري قرارداد جون ڪاپيون اڇلايون ويون، ڪجهه دير هل هنگامي بعد مخالف ڌر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري واڪ آئوٽ ڪرڻ بعد اسيمبلي جي ڏاڪڻين تي به احتجاج ڪيو، گهرو وزير راڻا ثنا الله ۽ عطا تارڙ مهمانن واري گيلري مان اٿي هليا ويا، جنهن بعد هال جا در بند ڪري را شماري ڪرائي وئي. اپوزيشن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته اعتماد واري ووٽ لا ڳڻپ سندن سامهون ڪئي وڃي. نواز ليگ اعتماد جي ووٽ لا ڪرايل را شماري کي ڌانڌلي قرار ڏئي ڇڏيو. پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو ته پنجاب حڪومت ايوان جي ڪارروائي دوکي سان هلائي آهي، عدالت ۾ سندن موقف ڪجهه ٻيو هو، را شماري تي ٻن ميمبرن کي نگران مقرر ڪرڻ گهرجي ها، حڪومت وٽ هر ممڪن ڪوششن باوجود نمبر پورا نه هئا، اسيمبلي ۾ ڪيل هي سڄي ڪارروائي جعلي هوندي. ان کان پهرين پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي اتحاد وڏي وزير پرويز الاهي جي اعتماد واري ووٽ تي را شماري لا رات پيٽ ۾ ڪارروائي شروع ڪري پنهنجا سمورا ميمبر گهرائي ورتا، وڏو وزير به پهتو، جنهن بعد اسپيڪر سبطين خان اجلاس جو وقت هڪ ڪلاڪ تائين وڌائي ڇڏيو، پي ٽي آ طرفان اعتماد جي ووٽ لا نمبر پورا هجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي. رات جا 12 ٿيڻ تي اجلاس ڪجهه دير لا ملتوي ڪري نئين ايجنڊا سان ٻيهر شروع ڪيو ويو، ايوان ۾ موجود پي ٽي آءِ ميمبرن “186” ۽ پنهنجي ڪاميابي جا نعرا هڻندا رهيا، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ لاءِ حڪومت جا نمبر مڪمل ٿي ويا آهن، اسيمبلي ۾ هن وقت 185 ميمبر آهن، بي اعتمادي جو ووٽ ڳجهو ۽ کليل نه هوندو آهي، عدالت جو حڪم آهي ته اعتماد جو ووٽ ڪنهن به وقت وٺي سگهجي ٿو، هن وقت اسان جو انگ ڪافي آهي، سنڌ هائوس کان جيڪو سلسلو شروع ٿيو اهو هاڻي وڌي رهيو آهي. پرويز الاهي پي ٽي آ چيئرمين عمران خان سان مليو آهي، صبح جو عدالت مان درخواست واپس ورتي ويندي، جنهن بعد خيبرپختونخوا ۽ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏينداسين. ان کان اڳ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس دير سان شروع ٿيڻ تي ايوان ۾ هنگامو برپا ٿي ويو، اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، عظميٰ بخاري ۽ ٻيا مخالف ميمبر “ڌاڙيل راڄ نامنظور”، “اعتماد جو ووٽ وٺو” جا نعرا لڳائيندا رهيا، اپوزيشن پارٽين جي ميمبرن ووٽنگ کان اڳ سخت احتجاج ڪري اسپيڪر جي ڊائيس کي گهيري ورتو، امن امان برقرار رکڻ لا پوليس جي وڏي نفري پڻ اسيمبلي پهتي، جڏهن ته سي سي پي او لاهور ۽ ٻيا ايس پيز پڻ موجود هئا. ان کان اڳ لاهور ها ڪورٽ پنجاب اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو يقين ڏيارڻ تي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني، ڊي نوٽيفا ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي اڄ ٻيهر شنوائي ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button