پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جو ووٽنگ ۾ غيرحاضر 5 ميمبرن خلاف نااهلي ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ لا نه پهتل پنهنجي 5 ميمبرن کي نااهل ڪرائڻ لا اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سوشل ميڊيا آپريشنز فوڪل پرسن اظهر مشواني چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي لا اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي خرم لغاري، مومنا وحيد، فيصل فاروق چيما، دوست مزاري ۽ چوڌري مسعود اسيمبلي ۾ نه آيا، پنجن ئي ميمبرن جي نااهلي جو ريفرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪليو ويندو. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اظهر مشواني چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبرن جو انگ 180 آهي، جن مان 5 ڄڻن کي ڪڍي گذريل رات 175 ميمبر موجود هئا، مسلم ليگ (ق) جي 10 ۽ هڪ آزاد اميدوار سان گڏ 186 ووٽن ذريعي پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button