پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ سان ملهه ٿي وئي، نواز شريف ۽ مريم سخت ناراض،پارٽي کان رپورٽ طلب

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي طرفان اسيمبلي مان ڪاميابي سان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي نواز ليگ جي قيادت پنهنجي پارٽي تي ڪاوڙجي پئي، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز صوبائي قيادت تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف پڇاڻو ڪيو ته جڏهن پارٽي قيادت کي اڳواٽ خبر هئي ته تحريڪ انصاف جا گهٽ ۾ گهٽ 7 ناراض ميمبر پي ڊي ايم سان رابطن ۾ آهن ته پوءِ اهي ڪاوڙيل ميمبر ووٽنگ لا ڪيئن پهتا، انهن کي مئنيج ڇو نه ڪيو ويو. پارٽي ذريعن موجب گهرو وزير راڻا ثناءُالله پارٽي سربراهه نواز شريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز کي شروعاتي رپورٽ پيش ڪندي مريم نواز کي ترت ڏيهه واپس اچڻ جي تجويز ڏني، راڻا ثنا خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن مريم نواز فوري طور تي وطن واپس نه پهتي ته پارٽي کي نقصان ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف سان وفاقي وزير راڻا ثنا الله جو فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران راڻا ثنا الله کيس پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان روڪڻ واري معاملي تي آئيني ۽ قانوني آپشنز تي بريفنگ ڏني، نواز شريف پنجاب اسيمبلي کي امڪاني طور ٽوڙڻ وارو عمل روڪڻ لا هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پارٽي ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي، جنهن تي اڄ ئي ميمبرن کان صحيحون ورتيون وينديون. ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز جي اجازت کانپو پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button