
اڳوڻي وزيراعظم پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي پنهنجي پارٽي ۽ پوري ٽيم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ميمبرن ڪروڙين رپين جون آڇون ٿيڻ ۽ ڌمڪين باوجود ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جنهن تي کين جس ڏيان ٿو، هاڻي سڀئي ميمبر تيار ٿين، اسيمبليون ٽوڙي اليڪشن ۾ وينداسين. زمان پارڪ لاهور واري رهائشگاهه تي پي ٽي آءِ ڊويزنل ڪو آرڊينيٽرز ۽ پارلياماني اڳواڻن سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته اسان جي ٽيم امپورٽيڊ حڪومت کي پنجاب ۾ تاريخي سرپرائيز ڏنو، جنهن تي سڄي ٽيم شاباس جي حقدار آهي، ميمبرن ڪروڙين رپين جي آڇ ۽ ڌمڪين کي ليکي ۾ نه آندو ۽ اسيمبلي پهچي ووٽ ڏنو، مون ڪالهه به چيو هو ته ريڊ لائين فقط الله تعاليٰ جي ذات ۽ عوام ئي لڳائي يا هٽائي سگهن ٿا. هن اسيمبلي ميمبرن کي چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪندي چيو ته اسان فوري طور تي نين چونڊن ڏانهن وينداسين.