پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي جو ووٽ تسليم، ڊي نوٽيفائي جو حڪم معطل، عدالت ۾ معاملو ختم

لاهور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ پنجاب جي گورنر طرفان چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تان ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو قدم واپس وٺڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد دائر درخواست غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي، جڏهن گورنر پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس وٺندي نئون نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ پنجاب جي گورنر طرفان چوڌري پرويز الاهي کي وڏي وزير جي عهدي تان ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي قدم خلاف دائر درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس چوڌري محمد اقبال، جسٽس عاصم حفيظ ۽ مزمل اختر شبير شامل آهن. عدالت سڳوري جي لارجر بينچ آڏو دائر ڪيل آئيني درخواست ۾ پنجاب جي گورنر پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب اسيمبلي کي ڌر بڻايو هو. شنوائي تي گورنر جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته گورنر 22 ڊسمبر تي جاري ڪيل پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي جنهن ذريعي پنجاب جي وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو هو. وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جي گورنر ڪنفرم ڪري ڇڏيو آهي ته اسپيڪر جي رپورٽ ملي وئي آهي، اهڙي صورت ۾ هاڻي درخواست جي ٻڌڻي جو جواز ناهي رهيو. اٽارني جنرل چيو ته عدالت پنجاب جي گورنر جو نوٽيفڪيشن اڳ ئي معطل ڪري رکيو آهي. فاضل بينچ چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر گورنر جي ايڊوائيس تي اجلاس ۾ معاملو حل ڪرائي ڇڏي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها. لاهور ها ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته گورنر جيڪڏهن نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي ته پوءِ معاملو ئي ختم ٿي ويو، توهان پنهنجي اسيمبلي ۾ معاملو حل ڪري ڇڏيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙن معاملن ۾ عدالتن جي مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيڻ گهرجي، هاڻ سڀ ڪجهه آئين موجب ٿي ويو آهي. بينچ چيو ته گورنر آئين مطابق حڪم جاري ڪيو، هاڻي پنجاب جي وڏي وزير گورنر جي آرڊر تي اعتماد جو ووٽ ورتو آهي، ان ڪري گورنر جي حڪم کي به غير قانوني نٿو چئي سگهجي. فاضل بينچ چيو ته سمورو معاملو آئين مطابق ٿيو آهي. هاڻي درخواست گذار وڃي پنهنجا معاملا هلائين. لارجر بينچ پنجاب جي گورنر طرفان پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو جواب داخل ڪرائڻ تي درخواست غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button