پاڪستان

پنجاب اسيمبلي ڪيئن بچائجي؟ آصف زرداري جو پي ڊي ايم کي عدالت ۾ وڃڻ جو مشورو

اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي کي ٽٽڻ کان بچائڻ عدالت ۾ وڃڻ جي تجويز ڏني آهي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪرڻ بعد نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف رابطو ڪري مولانا فضل الرحمان ۽ آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نواز ليگ جي ذريعن موجب پي ڊي ايم جي ٽن وڏن اڳواڻن ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بابت صلاح مشورا ٿيا، جنهن دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان روڪڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪرڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته نواز شريف ان معاملي تي فوري طور پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس سڏائڻ جو مشورو ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button