پاڪستانرانديون

فخر زمان جي سينچري ضايع، نيوزيلينڊ کي گلين فلپس مئچ ۽ سيريز جي ٽرافي ڏياري ڇڏي

پاڪستان جا بالر 280 رنسن جو به دفاع نه ڪري سگهيا، ڪيوي آل رائونڊر گلين فلپس شاندار ففٽي سان آخر تائين ڀرپور مقابلو ڪري بابر اليون کي ٽئين ۽ فيصلائتي دنگل ۾ 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز به 1- 2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ڪراچي جي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ جي چونڊ ڪئي ته قومي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽون وڃائي 280 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ فخر زمان جي شاندار سينچري، محمد رضوان 77 ۽ آغا سلمان جي 45 رنسن جي اننگز شامل هئي، مهمان ٽيم طرفان ٽم سائوٿي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته لوڪي فرگوسن 2، بريسويل ۽ ايش سوڍي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 281 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان نيوزيلينڊ جي ٽيم دلچسپ مقابلي بعد 8 وڪيٽون وڃائي 49 هين اوور ۾ منزل ماڻي ورتي. آل رائونڊر گلين فلپس 42 بالن تي 63 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي مرد بحران ثابت ٿيو، جڏهن ته ڪپتان ڪين وليمسن 52، فن ايلن 25، ڊيون ڪونوي 52، ڊيرل مچل 31، ٽام ليٿم 16 ۽ سينٽنر 15 رنسن تان نمايان رهيا. گلين فلپس کي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button