پاڪستان

پختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تيار ٿي وئي آهي: فواد چوڌري جي دعويٰ

تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته خيبر پختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پنجاب جي اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز سان باقاعدي رابطو ڪيو پيو وڃي، گورنر انتظار نه ڪري، فوري طور اسيمبلي ٽوڙي ته جيئن نگران سيٽ اپ جو عمل شروع ٿي سگهي. هن چيو اميد ته نگران وڏي وزير لاءِ اهڙو نالو سامهون ايندو جيڪو اڻ ڌريون چونڊون ڪرائي سگهي، اسان پنهنجو نالو پرويز الاهي کي ڏينداسين ۽ پوءِ هو اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪري فيصلو ڪندو. سندس چوڻ هو ته خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير ۽ ڪابينا ميمبر موسم جي خرابي سبب عمران خان سان ملڻ نه اچي سگهيا، وڏي وزير ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون وقت تي ٿينديون، نئين برائلر ايم ڪيو ايم جي درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي آهي، جمهوريت جو بنياد ووٽ تي هوندو آهي، چونڊون نٿا ڪرائڻ چاهيو ته جمهوريت جو ڪو تصور نٿو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button