پاڪستان

پاڻ سان ٿيل زيادتيون معاف ڪرڻ لا تيار آهيان، فوج بنا ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڻ سان ٿيل زيادتيون معاف ڪرڻ لا تيار آهيان، انهن کي به معاف ڪندس جن مون تي گوليون هلايون، فوج کانسواءِ پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي. جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اعظم سواتي ۽ شهباز گل سان ڪيل سلوڪ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پاڻ سان ٿيل زيادتيون به معاف ڪري ڇڏيندس، مون ڪرونا وبا ۽ پوليو ويڪسينيشن دوران فوج کي تمام ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ پاڪ فوج قدر جوڳو ڪم ڪيو آهي، موجوده صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ کي به سوچڻو پوندو ته ملڪ کڏ ڪري پيو آهي، جنهن کي پاڪستان هلائڻو آهي اهو اسٽيبلشمينٽ سان وڙهي نٿو سگهي پر اسٽيبلشمينٽ لا رخ جو تعين ڪرڻ ضروري آهي، فوج نيڪي جي سڀ کان وڏي سگهه بڻجي سگهي ٿي. عمران خان چيو ته مون سوچيو به نه هو ته پنجاب اسيمبلي جون عورتون ميمبر ايترو سٺو پرفارم ڪنديون ۽ پنجاب ۾ اسان جي پارٽي جي عورتن کي غير معمولي لالچ ڏنو ويو پر هنن سڀ آڇون ٺڪرائي ڇڏيون، ملڪ جو خزانو لٽيندڙن کانسوا ٻين سڀني سان مفاهمت تي يقين رکان ٿو، آئون تمام جلد چونڊون ڏسي رهيو آهيان، اسان 3 سالن جي محنت سان صنعتن کي مٿي اٿاريو هو پر هاڻي ٻيهر محنت ڪرڻي پوندي، پنجاب ۾ مونس الاهي ڄمي بيٺل رهيو ۽ مان چوڌري پرويز الاهي کي به ساراهيان ٿو، جنهن لالچ جي هر حربي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button