پاڪستان

عمران خان ٽي ٽي پي کي هٿيار اڇلائڻ بنا پختونخوا ۾ جا فراهم ڪئي آهي:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان خيبر پختونخوا صوبي ۾ ٽي ٽي پي کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بنا جا فراهم ڪري ڇڏي، سڄي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي پر عمران دهشتگردن جو حامي آهي، اڳوڻي وزيراعظم سڄي عمر پنندي گذاري ڇڏي، جيڪڏهن ڪير ملڪ خلاف ڳالهائيندو ته ان کي جواب ڏيڻ منهنجي ذميواري آهي. خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول چيو ته عمران خان سڄي زندگي پِنندي گذاري، مون دنيا اڳيان امداد بدران واپار جو مطالبو ڪيو، عمران سدائين پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، هڪ هوندو آهي سياسي مفاد ۽ ٻيو هوندو آهي قومي انٽريسٽ، عمران خان سدائين پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، جڏهن ته شوڪت ترين پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ پئي چاهيو. هن چيو ته سڄو ملڪ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل هو پر عمران خان لانگ مارچ ڪڍي رهيو هو، جڏهن عالمي اڳواڻ به ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري تي پهتا تڏهن عمران خان سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي متاثر علائقن ڏانهن لڙي به نه ويو، ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي آندي، پاڪستان جي جي ڊي پي جو 10 سيڪڙو ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو، ملڪ جو وڏو حصو ٻڏل هو، پاڪستان اڪيلي سر متاثرن جي بحالي نه پئي ڪري سگهيو، همدرد ۽ دوست ملڪن پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. پ پ پ جي چيئرمين چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ 9 ارب ڊالر ملڻ ڪو ڀوڳ ناهي، اها سفارتي ڪاميابي آهي، ڊونرز ڪانفرنس پاڪستان لاءِ تمام ڪامياب ۽ اهم رهي، پاڪستان جي آئسوليٽ ٿيڻ واري ڳالهه ۽ بيانيو دفن ٿي ويو، مون کي لڳي ٿو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان پنهنجو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، 9 ارب ڊالر ۽ سڄي دنيا کي هڪ صفحي تي گڏ ڪرڻ ڪامياب پرڏيهي پاليسي آهي، عمران خان ٻڌائي ته سندس پرڏيهي پاليسي پنڻ کانسوا ٻيو ڇا هئي؟ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ چوندو هو ته آپگهات ڪري ڇڏيندس پر خيرات نه وٺندس پر هن پنهنجي دور ۾ سوا پنڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪيو. هن چيو ته مون کي پرڏيهي وزارت سنڀاليندي 7 مهينا ٿيا آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جو غلط تاثر ڏنو وڃي ٿو، جنهن کي وڏي محنت سان ختم ڪرڻو پوندو، مون جن ملڪن جا دورا ڪيا ان ۾ منهنجو ڪو ذاتي مفاد نه هو پر ان ۾ پاڪستان جو فائدو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي گجرات جو ڪاسائي قرار ڏيڻ جو سبب ٻڌائيندي بلاول چيو ته مون صرف ڀارتي وزيراعظم جي حقيقت بيان ڪئي، جيڪو منهنجي ملڪ خلاف ڪا ڳالهه ڪندو ان کي جواب ڏيڻ منهنجي ذميواري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button