پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي ۽ معصوم نياڻي سان لڄالٽ جي تصديق

ميرپورخاص/ميرواهه گورچاڻي: ميرپورخاص ۾ معصوم نياڻي سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار چاچي ۽ مئٽرڪ جي شاگردياڻي سان لڄالٽ ڪندڙ رڪشا ڊرائيور کي عدالت رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ميرواهه گورچاڻي جي رهواسي ناري گذريل ڏينهن چاهيندڙ نوجوان سان پرڻو ڪرڻ لا رڪشا ۾ سوار ٿي ميرپورخاص پهتي هئي، جتي رڪشا ڊرائيور ناري سان جنسي زيادتي ڪئي هئي، واقعي بعد ناري جي دانهن تي پوليس رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪيو هو، جنهن کي وومين پوليس ناري سميت عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار ۽ شاگردياڻي کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ڳوٺ دوست محمد پنهور ۾ ظالم چاچي پاران 8 ورهين جي پنهنجي معصوم ڀائيٽي سان جنسي زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار چاچي کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. ٻئي پاسي شاگردياڻي ۽ معصوم نينگري سان شروعاتي رپورٽ ۾ لڄالٽ جي تصديق ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي ناري ٻڌايو ته آئون پنهنجي چاهيندڙ سان پرڻو ڪرڻ لا گهران نڪري رڪشا ۾ سوار ٿيس، پر رڪشا ڊرائيور جنسي زيادتي ڪئي. آئون دارالعلوم وڃڻ چاهيان ٿي، مونکي مائٽن ۾ ناهي وڃڻو، هاڻ پنهنجي چاهيندڙ سان نڪاح ڪنديس. ٻئي پاسي شاگردياڻي جي والد جي فرياد تي رڪشا ڊرائيور خلاف وومين ٿاڻي تي زنا جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف ناري جي والد گهر ڪئي ته منهنجي نياڻي واپس ڪرائي ڏئي جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي. جڏهن ته جوابدار رڪشا ڊرائيور چيو ته ناري مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار هئي، سڀ ڪجهه رضا خوشي سان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button