پاڪستانسنڌ

سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم قدم، عورتن لاءِ پنڪ پيپلز بس سروس هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي اهم قدم کڻندي عورتن لاءِ پنڪ پيپلز بس سروس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنڪ بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو خاص ڪري ملازمت ڪندڙ عورتن جي سفري مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ صحت جي سبب سندس رهائشگاهه تي ڪوٺايل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته پهرين فيبروري کان پنڪ بس سروس جي شروعات ڪئي ويندي، پنڪ پيپلز بس سروس جي پهرين روٽ لاءِ ماڊل ڪالوني، شاهراهه فيصل کان ٽاور روٽ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، بس سروس آفيس جي وقت صبح ۽ شام جو هر 20 منٽن کانپوءِ هلندي، آفيس کانپوءِ معمول جي وقت ۾ هر ڪلاڪ کانپوءِ پنڪ بس سروس هلندي.

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ نارنگي، ڳاڙهي ۽ اڇي بس سروس کانپوءِ هاڻي عورتن لاءِ (گلابي) پنڪ بس سروس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي جي عوام سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرڻ طرف تيزي سان گامزن آهي. اجلاس ۾ سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي آپريشنز ۽ ڪراچي جي روٽس 6،5،4 ۽ 7 جي شروعات جو پڻ جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير هدايت ڏني ته سکر ۾ 29 جنوري تي پيپلز بس سروس جي آپريشنز جي شروعات ڪئي وڃي.

هن ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي رهيل روٽس جو دورو ڪرڻ ۽ روڊن جي مرمت جي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڏني ۽ چيو ته ڪراچي جي روٽ 6،5،4 ۽ 7 تي جلد کان جلد بسون هلائڻيون آهن، ته جيئن وڌ کان وڌ شهرين کي جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت ملي سگهي، اجلاس ۾ ٽرانسپوٽ کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، آپريشن مينيجر اين آر ٽي سي عبدالشڪور پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button