
مٺي:مٺي ۾ ولي فائونڊيشن ۽ سول سوسائٽي پاران جهنگلي جيوت جي عالمي ڏهاڙي تي جيوت جي تحفظ لا بلاول پارڪ کان جاڳرتا ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو. ريلي ۾ ولي نهڙيو، حاجي ڪنڀار، عبدالسبحان سميجو، جيلم سنگهھ، آفتاب سميجو، ماما وشن ٿري ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، واپارين، وڪيلن، شاگردن ۽ ضلع انتظاميا جي نمائندن سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جهنگلي جيوت جو تحفظ وقت جي حڪومتن توڙي هر فرد جي ذميواري آھي. ٿر جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه ۽ فطرت جي حسين نظارن جو گلدستو آھي. جهنگلي جيوت جي شڪار ۽ نسل ڪشي تي تاحيات پابندي لڳائي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سزا واري قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ جو وائلڊ لائف ايڪٽ وارو قانون پراڻو هجڻ ڪري جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي ڪندڙ گروهه يا جوابدار سزا کان بچي وڃن ٿا.