پاڪستانپنجاب

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ برقرار، پوليس تي حملو رياست تي حملو آهي: اسلام آباد هائيڪورٽ

اسلام آباد ها ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي منسوخي لا اڄ سيشن ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس عامر فاروق پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هڪ سياسي جماعت ڪارڪن پوليس تي حملو ڪري رهيا آهن ۽ اهو رياست تي حملو آهي، ڇاڪاڻ ته پوليس وارا اتي رياست طرفان فرض نڀائي رهيا آهن. اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ منسوخ ڪرڻ لا داخل درخواست اڪلائيندي درخواستگذار کي ٽرائيل ڪورٽ (سيشن ڪورٽ) سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس عامر فاروق ڪالهه صبح جو شنوائي بعد فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو شام ڌاري ٻڌايو ويو. فيصلي مطابق عمران خان کي 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي خاطري وارو حلفيا بيان توشا خانا ڪيس جي شنوائي ڪندڙ سيشن ڪورٽ ۾ ئي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ها ڪورٽ 5 صفحن تي ٻڌل پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عمران خان گرفتاري وارنٽ منسوخ ڪرائڻ لا پنهنجي درخواست سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪري ٽرائيل ڪورٽ حلفيا بيان کي قانون مطابق ڏسي وٺي. ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون پٽاندڙ آهي، ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ قانوني جهول نه آهن جو مداخلت ڪري سگهجي، عمران خان سوڌو سڀني کي عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻ گهرجي، عمران خان جو حلفي بيان ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. ان کان اڳ اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ شنوائي دوران عمران خان جي وڪيل خواجا حارث پنهنجي اصيل جو هڪ حلفيا بيان پيش ڪيو، جنهن ۾ هن (عمران خان) خاطري ڪرائي هئي ته هو 18 مارچ تي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ لازمي طور پيش ٿيندو. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪو اهڙو حل ڪڍنداسين، جنهن سان ٽڪرا کان بچي سگهجي ۽ عدالتن جي عزت ۽ احترام به برقرار رهي. شنوائي دوران خواجا حارث عدالت سان مخاطب ٿيندي چيو ته آئون ذاتي طور تي خاطري ڪرايان ٿو ته عمران خان 18 مارچ تي سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيندو، جنهن تي ها ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته عدالتن جي عزت ۽ وقار تمام اهم آهي ۽ ائين نه ٿيڻ گهرجي ته قانون سڀني لا برابر نه هجي، اسان لا اهو ضروري آهي ته قانون سڀني لا برابر هجي. ان موقعي تي خواجا حارث چيو ته مون ٽرائيل ڪورٽ کي چيو هو ته پهرين ڪجهه معاملن تي منهنجو موقف ٻڌو وڃي پر منهنجي درخواست رد ڪندي عدالت چيو ته اها گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي. چيف جسٽس عامر فاروق جو چوڻ هو ته وارنٽ ٻيهر جاري ٿيڻ جو ايشو ناهي، ڇاڪاڻ ته عدالت چيو هو ته عمران خان 13 مارچ تي پيش ٿئي نه ته وارنٽ بحال ٿي ويندا، ڪيس ڪهڙو به هجي پر جوابدار جو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن به ڪنهن به ڪرمنل ڪيس ۾ سمن جاري ٿئي ته ڇا عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري ناهي؟ جيڪڏهن هڪ آرڊر ٿي ويو ته اهو ڪالعدم ٿيڻ تائين موجود رهندو آهي، ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته مئجسٽريٽ جي عدالت هجي يا سپريم ڪورٽ، عدالت جي فيصلن تي عمل ٿيڻ گهرجي، آرڊر اسان جي صحيحن سان جاري ٿيندا آهن، اسان وٽ “مسل مين” نه آهن جيڪي اتي وڃي طاقت ڏيکارين. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته رمانڊ جو آرڊر سدائين سيشن ڪورٽ ۾ ويندو آهي ۽ ان ڪري جو ذميوار مئجسٽريٽ هوندو آهي، هن ڪيس ۾ ته رمانڊ به ناهي ٿيڻو، رڳو گرفتار ڪري پيش ڪرڻو آهي. وڪيل خواجا حارث چيو ته حڪومت عمران خان کي شنوائي کان 4 ڏينهن پهرين گرفتار ڪري ڪٿي رکندي؟ جنهن تي عدالت ٻيهر ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي روسٽرم تي طلب ڪيو، جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان 18 مارچ تي به نه آيو ته خواجا حارث تي ته چارج فريم نه ٿيندو. شنوائي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت آڏو چيو ته درخواستگذار کي رليف ملڻو آهي ۽ سندس ڪنڊڪٽ عدالت جي سامهون آهي، ان کان پهرين به اهڙي ئي قسم جي خاطري ڪرائي وئي هئي، ان وقت به ها ڪورٽ اچي وارنٽ معطل ڪرايا ويا پر عمران خان پو به پيش نه ٿيو. شنوائي دوران خواجا حارث چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اها بدقسمتي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان اسان ڪهڙو چهرو ڏيکاري رهيا آهيون؟ اسان ته ٻڌندا هئاسين ته قبائلي علائقن ۾ ائين ٿيندو آهي، اسان دنيا کي ڇا ٻڌائي رهيا آهيون ته قانون تي عمل نه ڪنداسين. چيف جسٽس وڪيل خواجا حارث کان پڇاڻو ڪيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ڇا صحيح ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي خواجا حارث چيو ته جيڪو ٿي رهيو آهي اهو غلط آهي. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ سياسي جماعت جا ڪارڪن پوليس تي حملو ڪري رهيا آهن ۽ اهو رياست تي حملو آهي، ڇاڪاڻ ته پوليس وارا اتي رياست جي پاران ڊيوٽي ڪري رهيا آهن. جسٽس عامر فاروق چيو ته حملو ڪندڙ به اسان جا ئي ٻچا آهن، جنهن تي خواجا حارث چيو ته پوليس اهلڪار جيڪي زمان پارڪ آيل آهن اهي به متاثرن ۾ شامل آهن. چيف جسٽس چيو ته عدليا جو وقار رڳو هاءِ ڪورٽ ۽ سُپريم ڪورٽ نه پر هر عدالت سان آهي، لاهور ۾ امن امان جي صورتحال افسوسناڪ آهي، رياست کي عدالتي حڪمن تي عمل جي ذميواري نڀائڻ کان روڪيو ويو، ڪنهن به مهذب معاشري ۾ قانون جي ائين ڀڃڪڙي قبولڻ جوڳي ناهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڇا برطانيا ۾ ڪو پوليس اهلڪار جي وردي کي هٿ به لائي سگهي ٿو؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته عمران خان جي گذريل انڊر ٽيڪنگ تي عمل ٿي وڃي ها ته اڄ هي سڀ ڪجهه نه ٿئي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button