پاڪستانسنڌ

سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊ، پ پ ميدان ٻهاري وئي

حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي 15 ضلعن اندر مڪاني چونڊن دوران غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. حيدرآباد ۾ جيالا ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڪوٽڏيجي ۾ جي ڊي اي اميدوار بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ڪريم بخش کوسو جي يوسي جنگ تي آزاد اميدوار پ پ اميدوار کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ جهيڙن، غلط نشانن ۽ مختلف سبب جي ڪري سنڌ جي 15 ضلعن جي مختلف علائقن جي يوسيز ۽ وارڊن تي ملتوي ڪيل مڪاني چونڊ اليڪشن ڪمشين جي حڪم تي ٿي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ يوسي 35 تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊ نمبر 3 تي ڪائونسلر جي چونڊ لاءِ جوڙيل ٽريننگ ڪاليج واري پولنگ اسٽيشن اندر ووٽن جي ڳڻپ دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار خادم حسين خشڪ پٿر لڳڻ سبب معمولي زخمي ٿي پيو. اهو واقعو شام جو دير سان پيش آيو. ان دوران پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جا ڪارڪن هڪٻئي خلاف نعريبازي به ڪندا رهيا. بعد ۾ ڪارڪن تلڪ چاڙهي وٽ جمع ٿي ويا، جتي پ پ ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪارڪنن هڪٻئي تي لٺين، مڪن ۽ لتن جو وسڪارو ڪيو. هوڏانهن يوسي 28 جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊ 3 جي ڪائونسلر جي چونڊ لاءِ رضيه سلطانه گرلز اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران ووٽنگ دوران ٽن جماعتن جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي جي ڪارڪنن وچ ۾ منهن ماري شروع ٿي جنهن بعد ڪارڪن هڪٻئي سان هٿين به پئجي ويا. ان دوران لتن، مڪن ۽ پٿرن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته هاٿاپائي جي نتيجي ۾ ڪجهه ڪارڪنن جا ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي ويا. جهيڙي سبب ڪجهه وقت لاءِ پولنگ جو عمل به روڪيو ويو. ٻنهي جهيڙن جي اطلاع تي پوليس پهچي ڪارڪنن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر جي سربراهي ۾ پوليس جا وڏا اٽالا رضيه سلطانه گرلز اسڪول جي پولنگ اسٽيشن وٽ پهتا. مشتعل ڪارڪنن پوليس جي پرواهه ڪرڻ بنا هڪٻئي سان هٿين پوندا رهيا ۽ هڪٻئي کي مارڪٽ ڪري ڪپڙا به ليڙون ليڙون ڪندا رهيا. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن الزام هنيو ته پوليس پ پ جي ڌر بڻيل آهي ۽ ڌانڌلي ڪري ان جماعت جا ڪارڪن چونڊائڻ چاهي ٿي. پ پ ڪارڪنن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي اميدوارن جي شڪست کي ڏسي سندن ڪارڪن مشتعل ٿيا ۽ انهن جي ڪوشش هئي ته چونڊ عمل رڪيل رهي ته جيئن چونڊ جو عمل مڪمل نه ٿي سگهي. رات دير تائين تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون جاري رهيون، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ به سخت متاثر ٿي جڏهن ته مارڪيٽن ۾ آيل ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. يوسي 28 جي وارڊ نمبر هڪ تي پ پ اميدوار اسفند مري 565 ووٽ ۽ تحريڪ انصاف اميدوار شاهزيب رند 221 ووٽ کنيا. يوسي 35 جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار چيئرمين غلام مصطفى شاهه 385 ۽ تحريڪ انصاف اميدوار نعيم قريشي 315 ووٽ کنيا. روهڙي جي دبر واري علائقي يوسي 25 پنھوار تي جھيڙي دوران ملتوي ٿيل ننڍي اليڪشن ٻيهر ٿي، جنهن ۾ 21 سئو کان وڌيڪ ووٽن تي 6 اميدوارن حصو ورتو. پولنگ دوران سکر پوليس سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا. غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوارن چيئرمين محمد اعظم جاگيراڻي 1640 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مقابلي ۾ جي يو آئي جو اميدوار غلام حيدر چوھاڻ 954 ووٽ کڻي سگهيو. پ پ جي ضلعي ميمبر جيوڻ خان جاگيراڻي 1683 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ جي يو آئي اميدوار نظير احمد 895 ووٽ کڻي ھارائي ويو. پ پ جي جنرل ميمبر عبدالوهاب جاگيراڻي 76 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، مقابلي ۾ جي يو آئي جي علي گوهر 19 ووٽ کنيا. ڪوٽڏيجي جي وارڊ نمبر 5 ٽنڊو شاهه تي ٿيندڙ ري پولنگ دوران جي ڊي اي اميدوار مير ساجن ٽالپر بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب پ پ اميدوار قربان پريو ھڪ طرفان ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ سبب 684 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار مير ساجن ٽالپر کي 65 ووٽ پيا. جڏهن ته جي ڊي اي جي صوبائي اڳواڻ مير شاھنواز خان ٽالپر ۽ مير ڏنل خان ٽالپر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيا ته رات کان وٺي اسان جي گھرن ٻاهران پوليس بيھاري وئي آهي ۽ اسان جي ايجنٽن کي کنڀيو ويو، ووٽرن جي گهرن ٻاهران ۽ رستن تي پوليس جا اٽالا مقرر ڪرائي ماڻهن کي پولنگ تائين اچڻ کان روڪيو ويو. ٻئي طرف پ پ اميدوارن جي ڪامياب ٿيڻ تي منور علي وساڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوابشاھه ميونسپل ڪارپوريشن سميت ضلعي جي ڪجهھ ٻھراڙي وارين يوسيز تي رھيل بلدياتي چونڊون پرامن ماحول ۾ ٿيون. نوابشاھه جي يوسي 6 ۾ پ پ طرفان چيئرمين لا قاضي رشيد ڀٽي ۽ وائيس چيئرمين لا سينيئر صحافي عاطف حسين زيدي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ اميدوارن 4313 ووٽ جڏھن ته سندن مقابلي ۾ ايم ڪيو اميدوارن 588 ووٽ ۽ تحريڪ لبيڪ اميدوار صرف 65 ووٽ حاصل ڪيا. وارڊ نمبر 8 نوابشاھه ٽائون تي پ پ جي احمد علي خاصخيلي ۽ وائيس چيئرمين مصطفيٰ بروھي ڪاميابي ماڻي. يوسي سومر خان جمالي تي پ پ اميدوارن قربان آرائين ۽ علي احمد بروھي ساڍا چار ھزارن جي مارجن سان جي يو آئي اميدوارن کي شڪست ڏني. عمرڪوٽ جي وارڊ نمبر 11 تي عورتن واري ھڪ پولنگ اسٽيشن نمبر 39 تي ضمني بلدياتي اليڪشن ٿي، جنهن ۾ ٽوٽل 1640 عورت ووٽر آھن، جنھن ۾ ٽوٽل ھڪ ھزار کان وڌيڪ ووٽرن پنھنجي ووٽ جو حق اسعمال ڪيو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار دليپ مولچنداڻي 521 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏھن ته پي ٽي آئي اميدوار جھامن مالھي 437 ووٽ کڻي ھارائي ويو. ڊي سي عمرڪوٽ ايم بي راجو ڌاريجو ۽ ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. ٻئي پاسي پ پ اميدوار دليپ ڪمار مولچنداڻي جي ڪاميابي بعد جيالن جشن ملھايو. دليپ مولچنداڻي چيو ته وارڊ جي ماڻھن مون تي اعتماد ڪيو آھي. لواري شريف لڳ يوسي 49 چاڪر پنھور جي رھيل ھڪ پولنگ اسٽيشن محمد عاقل دل جي غير حتمي نتيجي موجب ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اميدوار پاڳارو غلام رسول چانڊيو 293 ووٽ کڻي سرسي حاصل ڪئي. جڏھن ته جي ڊي اي اميدوار مير حسن پنھور 53 ووٽ کڻي سگهيو. ڏوڪري ۾ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار بشير ٿهيم 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار حبيب الله کوکر 505 ووٽ کڻي هارائي ويو. جڏھن ته پي ٽي آئي اميدوار امام علي جلباڻي 16 ووٽ کڻي سگھيو. هوڏانهن پ پ ڪارڪنن جشن ملهايو. قمبر جي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 12 تي عام مڪاني چونڊن ۾ چونڊ نشان غلط ملڻ سبب ملتوي ٿيل چونڊون گرلس ڊگري ڪاليج قمبر ۾ ٿيون، جن ۾ پ پ جي اڳواڻي ميونسپل چيئرمين سميت 4 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ جي يو آئي جي يونس لاکو، تحريڪ لبيڪ جو غلام علي جويو، شهيد ڀٽو جو وقار علي شابراڻي ۽ آزاد اميدوار نعيم عباس بلوچ شامل آهن. چونڊ عمل صبح سوير 9 وڳي شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي بند ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار شعبان علي شيخ 489 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته جي يو آئي جي يونس لاکو 298 ووٽ کڻي ٻيو نمبر، آزاد اميدوار نعيم بلوچ 56، تحريڪ لبيڪ جي غلام علي جويو 44 ۽ شهيد ڀٽو جي وقار شابراڻي 25 ووٽ حاصل ڪيا. چونڊ دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ڊي آر او قمبر شهدادڪوٽ سليم اوڍيو ۽ ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ صدام خاصخيلي پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. ڄامشورو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 تي جهيڙي ۽ بليٽ باڪس چوري ٿيڻ بعد ملتوي ٿيل چونڊون ٻيهر ٿيون. صبح 8 بجي شروع ٿيندڙ پولنگ هڪ ڪلاڪ ليٽ شروع ڪئي وئي، پولنگ شروع ٿيندي ئي عورتن جو وڏو انگ پولنگ اسٽيشن پهچي ويو، پولنگ جو عمل جاري هو ته ڄامشورو اتحاد ۽ پ پ جي مرد ڪارڪنن ۾ تلخ ڪلامي بعد ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، جنهن بعد پوليس وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين جي حمايت ۾ سڄو منهن ماري ٿيندي رهي. پولنگ جو ختم ٿيڻ کان ڪجھه ئي وقت اڳ عورتن ۾ تلخ ڪلامي بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران مڪن ۽ بوتلن جو وسڪارو ٿيو، پوليس عملدارن وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو، عورت پولنگ اسٽيشن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ جو اميدوار ايڊووڪيٽ ارشد سهتو 423 ووٽ کڻي اڳيان رهيو. جڏهن ته مخالف اميدوار ڄامشورو اتحاد جو لالا سهراب خان 337 کڻي سگهيو، مرد پولنگ اسٽيشن جي گذريل نتيجن ۾ ڄامشورو اتحاد جي اميدوار لالا سهراب خان 349 ووٽ کڻي نمايان رهيو هو. جڏهن ته پ پ اميدوار ايڊووڪيٽ ارشد سهتو 281 ووٽ کنيا هنيا، پ پ اميدوار ايڊووڪيٽ ارشد سهتو مجموعي طور 704 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته ڄامشورو اتحاد جي اميدوار لالا سهراب خان 686 کڻي هارائي ويو. پيپلز پارٽي اميدوار ايڊوڪيٽ ارشد سهتو مخالف اميدوار لالا سهراب خان کي 18 ووٽ تان شڪست ڏئي اڳيان رهيو. ڪنڌڪوٽ جي يوسي 28 ددڙ جي ٽن پولنگن تي اليڪشن ڪميشن پاران ٻيھر چونڊ ڪرائي وئي، جنهن ۾ پ پ جي ضلعي ميمبر مير احمد رضا سندراڻي 1201 ووٽ کنيا. مخالف جي يو آئي اميدوار ظفر ڀيو کي 15 ووٽ مليا. چيئٔرمين تي پ پ اميدوار ڪاشف ڀيو 989 ۽ جي يو آئي اميدوار محمد علي ڀيو 14 ووٽ کنيا. جنرل ڪائٔونسلر تي پ پ اميدوار محمد صلاح 315 ووٽ کنيا، جي يو آئي اميدوار سلطان احمد 18 ووٽ حاصل ڪري سگھيو. يوسي تي ٽوٽل اٺ پولنگ اسٽيشن ھيون، جن مان پنج تي اڳ ئي پ پ کي سرسري حاصل ھئي. غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا. جڏھن ته جي يو آئي پاران احتجاجن بائيڪاٽ ڪيو ويو. ياد رھي تي 26 جون تي مڪاني اليڪشن دوران يوسي جي پولنگ تي ھٿياربند حملو ڪري سڄي عملي کي اغوا ڪري ويا ھئا. نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 4 تي رجسٽرڊ ووٽن 1655 مان 780 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. غير حتمي غير ۽ سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار وڪرم ايسرداس راٺي 751 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سڀني مخالف اميدوارن کي صرف 29 ووٽ مليا. ڪريم بخش کوسو جي يوسي جنگ ۾ ٻن پولنگ اسٽيشنز تي آزاد اُميدوار فاروق احمد کوسو 658 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اُميدوار طاهر کوسو رڳو 22 ووٽ کڻي سگهيو، شڪارپور جي ڳڙهي ياسين جي يوسي وارياسو جي وارڊ نمبر 2 تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جو اميدوار ميدان ماري ويو ،پيپلز پارٽي جي اميدوار عبدالقادر گوپانگ 247 ووٽ کڻي ميدان ماري ويو. ٻئي طرف جي يو آء جي اميدوار بقاء الله 14 ووٽ کنيا، جڏهن ته ضلعي ڪائونسلر ميمبر 241 ووٽ کنيا. ڳڙهي ياسين جي يوسي وارياسو تي جهيڙي سبب پولنگ اسٽيشن کي اليڪشن دوران بند ڪيو ويو هو ،جنهن بعد يوسي وارياسو تي ٻيهر اليڪشن ڪرائي وئي جنهن پ پ جو اميدوار عبدالقادر گوپانگ ڪامياب ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button