پاڪستانپنجاب

وزيراعظم جو پنجاب ۾ شهرين کي مفت اٽي جا 2 ٿيلها گڏ ڏيڻ جو حڪم

وزيراعظم شهباز شريف مفت اٽو ورهائڻ وارن مرڪزن ۾ بزرگن ۽ عورتن لاءِ خاص انتظامن کي يقيني بڻائڻ ۽ بزرگن، عورتن ۽ بيمار شهرين کي ترجيحي بنيادن تي اٽو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهي هدايتون آچر ڏينهن مفت اٽو ورهائڻ واري عمل ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ بهاولپور جي دوري دوران جاري ڪيون. وزيراعظم ڊرنگ اسٽيڊيم ۽ عباسيه هاءِ اسڪول ۾ قائم مفت اٽو مرڪزن جو دورو ڪيو، شهرين جون شڪايتون ۽ مسئلا ٻڌا ۽ اختيارين کي انهن جي حل جي هدايت ڪئي. وزيراعظم انهي دوران شهرين ۾ مفت اٽو ورهائڻ جي عمل جو پاڻ جائزو ورتو. وزيراعظم عورتن ۽ بزرگن سميت شهرين سان ان موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ انهن کان انتظامن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ واري عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو. دوري دوران وزيراعظم بيمار عورتن کي اٽي جا 2 ٿيلها فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هڪ ٿيلهو اٽو وصول ڪندڙ شهرين کي هاڻي 2 ٿيلها گڏ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن شهري رمضان دوران بار بار نه اچن. وزيراعظم هڪ بيمار شهري الله بخش سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم اختيارين کي هدايت ڪئي ته بزرگن، عورتن ۽ بيمار شهرين کي ترجيحي بنيادن تي اٽو فراهم ڪيو وڃي. وزيراعظم بزرگن ۽ بيمار شهرين جو اٽو سندن سواري تائين پهچائڻ لاءِ انتظامن جي هدايت پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button