پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جو اليڪشن مهم جاري رکڻ جو فيصلو، حڪمرانن کي ڀڄڻ نه ڏبو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن جون تياريون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ پارٽي جو اليڪشن سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جتي همايون اختر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو. پارٽي ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اليڪشن سيل ۾ اعجاز چوڌري، رياض فتيانا ۽ ٻيا اڳواڻ چونڊن جي حوالي سان معاملن کي ڏسندا. پارٽي چيئرمين هدايت ڪئي آهي ته ووٽر لسٽن، بلاڪ ٿيل ڪوڊ ۽ ٻين معاملن تي اليڪشن سيل اميدوارن جي رهنمائي ڪندو ۽ پارٽي قيادت کي پڻ آگاهي ڏيندو رهندو. ٻئي طرف عمران خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آئين مطابق چونڊون ضرور ٿينديون، حڪمرانن کي اليڪشن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، موجوده حڪومت طرفان آئين کي پٺي ڏئي انتخابي عمل سبوتاز ڪرڻ خلاف اسان آئيني ۽ سياسي محاذ تي جدوجهد ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته لاهور کي بند ڪرڻ ۽ 200 ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ باوجود مينار پاڪستان جو جلسو ڪامياب رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button