پاڪستانعالمي

سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي وڇوٽيون ختم، پرڏيهي وزيرن جي بيجنگ ۾ اهم ملاقات

سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ستن ورهين کان معطل سفارتي رابطا بحال ٿي ويا، چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ سعودي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن جي اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي لا روڊ ميپ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين ۾ ٿيل انهي ٻي ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ۽ سندس ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏ ٻنهي ملڪن جا چين ۾ مقرر سفير ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. ملاقات ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي روڊ ميپ ۽ ٻنهي ملڪن اندر هڪ ٻئي جا سفارتخانا کولڻ جي طريقيڪار تي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو ۽ ان عمل کي تيز بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. واضح رهي ته سعودي ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ هي 7 ورهين بعد اعليٰ سطحي ملاقات ٿي آهي. ٻئي طرف آمريڪي نشرياتي اداري مطابق سعودي عرب جي سرڪاري نشرياتي اداري الاخباريه هڪ وڊيو ٽوئيٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ان جو ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي هٿ ملائيندي ڏسي سگهجي ٿو، ان کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سامهون اچڻ بعد ميٽنگ روم طرف روانو ٿي ويا، جتي ٻنهي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن ڊگهي ڇڪتاڻ بعد گذريل مهيني چين جي ٽياڪڙي ۾ لاڳاپن جي بحالي تي اتفاق ڪندي سرڪاري طور تي اعلان ڪيو هو ته رمضان ۾ ئي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button